ڪشمير مسئلو ،هاڻي حل ٿيڻ گهرجي
ڪشمير مسئلو ،هاڻي حل ٿيڻ گهرجي (روزانه عوامي آواز جو ايڊيٽوريل) برصغير جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ جهڙوڪر دنيا جو هڪ تهذيبي خطو هڪ نه پر ڪيئي ٽڪڙن ۾ ورهائجي ويو ،نه صرف ايترو پر برصغير جي ورهاڱي سان برصغير جا ڪيئي عالئقا جيڪي پنهنجي صدين جي تاريخ ،تهذيب ۽ تمدن ۽ سماجيات رکندڙ هيا ُاهي به ورهائجي ويا ،اهڙن عالئقن ۾ ڪشمير به اچي وڃي ٿو، جيڪو برصغير جي ورهاڱي بعد پڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ هاڻي آزاد ۽ ڄمون ڪشمير جي الڳ الڳ نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ان کان سواِء پنجاب پڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، برصغير جي ورهاست سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي پهتو جو سنڌ جيڪا صدين کان هڪ تهذيب ۾ زندگي گذاري رهي ُهئيُ ،اها به ورهاست جو شڪار ٿي وئي ،ورهاست جي نتيجي ۾ سنڌ جي عظيم ريگستان وارا عالئقا جن ۾ جيسلمير ،بڙودا ،ٻاڙمير ،رڻ ،ڪڇ، اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عوامي آواز ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 1