دنيا کي والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي‎

Page 1

‫دنيا کي واالريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي‬

‫دنيا کي واالريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي‬ ‫ظلم ۽ جبر ڪهڙي به صورت ۾ ۽ ڪٿي به ٿيندو ُهجي‪ُ ،‬ان خالف آواز ُاٿارڻ‪،‬‬ ‫دنيا جي هر امن پسند قوم جو فرض آهي‪ .‬ڇو ته مهذب قومون هميشه مظلومن‬ ‫جي پاسي رهنديون آهن‪ .‬سنڌ جي جديد ادب جي عظيم شاعر شيخ اياز اِن‬ ‫احساس کي ڪجهه هيئن اظهاريو هو ته‪’ ،‬جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ُٽٽو‪/‬‬ ‫مون ائن سمجهيو‪ /‬ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي‪ ‘.‬ظلم چيچنيا ۾ ٿيندو ُهجي‪،‬‬ ‫فلسطين ۾ ٿيندو ُهجي يا واالريل ڪشمير ۾‪ ،‬اسين ُان ظلم تي نه ُرڳو پنهنجي‬ ‫جيَء ۾ ُجهٻي محسوس ڪريون ٿا‪ ،‬پر هر موڙ ۽ هر فورم تي ُان ظلم کي‬ ‫ننديون به ٿا؛ ان ڪري به جو ظلم کي سهڻ واري احساس مان اسين ٻين جي‬ ‫ڀيٽ ۾ گهڻو گذريا آهيان‪ .‬صدين کان ڌارين جي ڪاهه ۽ غالميَء جي طويل‬ ‫دورن اسان کي ظلم ۽ جبر کان اهڙي حقارت ڏياري ڇڏي آهي جو اسين ٻين‬ ‫جي ُڏک کي پنهنجو ڏک تصور ڪرڻ لڳون ٿا‪ .‬اهو احساس اسين واالريل‬ ‫ڪشمير جي معصوم ماڻهن مٿان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر وقت به محسوس ڪريون ٿا‪.‬‬ ‫ان ڪري به جو ساڻن ناتو صديون پراڻو آهي‪.‬‬ ‫اڄ ڪشميرين سان يڪجهتيَء جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي‪ .‬اِن حوالي سان نه‬ ‫ُرڳو پاڪستان پر ُدنيا جي مختلف ُملڪن ۾ تقريبون رٿيل آهن‪ .‬ريلين‪ ،‬جلسن‬ ‫۽ سيمينارن ذريعي ڪشمير جي مظلوم عوام کي اِهو احساس ڏيارڻ جي‬ ‫ڪوشش ڪئي ويندي ته دنيا جا امن پسند ماڻهو ساڻن گڏ آهن‪ .‬اڄوڪي ڏينهن‬ ‫جي حوالي سان لنڊن ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪشمير ڪانفرنس کي خاص اهميت‬ ‫حاصل آهي‪ ،‬جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ شامل ٿي رهيو آهي‪.‬‬ ‫انهيَء ڪانفرنس ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿين ٿيون‪ ،‬سي شام دير تائين پڙهندڙن‬ ‫کي مختلف ذريعن وٽان معلوم ٿي وينديون‪ .‬جيڪڏهن ُان ڪانفرنس جو ڪو‬ ‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه تي روزانه عبرت ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل‬


Turn static files into dynamic content formats.

Create a flipbook
Issuu converts static files into: digital portfolios, online yearbooks, online catalogs, digital photo albums and more. Sign up and create your flipbook.
دنيا کي والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي‎ by Government Elementary College of Education Thatta - Issuu