مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت
مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت ماهم سنڌي ٻار جڏهن پنهنجي ماُء جي ُ ڪک مان جنم وٺي هن دنيا ۾ پير ٿو پائي ته يقينن ان جي پهرين سڃاڻپ ،پهريون سهارو ،پهرين سنڀاليندڙ ُهن جي ماُء ئي هوندي آهي .وقت جا قدم اڳتي وڌڻ سان جڏهن ٻار جي قد ۽ جسامت وانگر سوچ ،سمجهه ۽ شعور جا پيرا دنيا جي اندر وڌيڪ پختا ٿيندا آهن ته هن جي ڪنن تائين پهچندڙ پهريان لفظ سندن ئي ماُء جا هوندا آهن ،جنهن ۾ مختلف قسمن جون لوليون ،ديني ،دنياوي ڪچهريون ،پيار ،پاٻوھ ۽ دعائن سان ُپر ٿيل ٻول ،رهنمائي جا لفظ ئي هوندا آهن .ٻار جي پهرين درسگاھ ماُء هوندي آهي هو پنهنجي ٻار کي دنيا جي ٻين طور طريقن سميت ڳالهائڻ به سيکاري ٿي .جيستائين ٻار ۾ ڳالهائڻ جي سگهه ۽ لفظن جي صحيح ۽ مناسب استمعال جي سمجهه اچي ،جيستائين هن کي لفظن جي اچارڻ جا ور وڪڙ دماغ ۾ بيهن تيستائين هو مسلسل ماُء جي چپن جي ڳالهائڻ دوران حرڪت کي غور سان نهاريندو رهندو آهي ۽ انهي طرح سان انهي ۾ ڳالهائڻ جو شعور دماغ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي رهيو هوندو آهي .ماُء جي زبان مان ادا ٿيل لفظ هن الء دنيا ۾ هلڻ ۽ دنيا کي سمجهڻ جو آسان طريقو هوندو آهي. ٻار جا سکيل پهريان لفظ ٻاتا ۽ اڌ ڪٽيل لفظ جيڪي بعد ۾ وڃي هڪ مڪمل ٻولي جي صورت اختيار ٿا ڪن ،اها ئي ٻار جي مادري ٻولي سڏائجي ٿي .مادري ٻولي جي هرگز اها معنى ۽ مفهوم ناهي ته ڪو گهڻي ايراضي تي رهندڙ ڳتيل آبادي ۾ ڳالهائي وڃي ،پر جيڪر هڪ طبقي تي مشتمل چند ڳوٺن تائين به ڳالهائي وڃي ٿي ته به اهائي اسانجي مادري 1