روشن تارا ٻالڪ مئگزين
ڪهاڻ
ٽه ماهي شمارو نمبر
پنيج ليک ممتاز ڪنڀر
ٿر جي ڀٽن جي اوٽ ۾ هڪ ويڙهو هيو جنهن ۾ چار گهر هئا .هيڏي وڏي خاندان مان ڪجهه ماڻهو شهر ۾ سک جي سانگي وڃي چڪا هئا .نوجوان ڇوڪرن مان صرف هڪ نوجوان پرائمري ماستر ۽ باقي ٻيا محنت مزدوري ۽ ٻڪريون ڍڳيون چاري پيٽ گذران ڪندا هئا .پر هن ويڙهي ۾ هونهن ته هر شخص جي پنهنجي ڪهاڻي هئي صرف ٽي ڪهاڻيون سڀني کان مختلف ۽ منفرد هيون. “سڀاڳي ڇوري اچي جوان ٿي آهي ،هن اڪيالئي ۽ جهنگ ۾ ماڻهن ۾ رهيو ڪجهه ڪونهي، ڪجهه ڪري وٺ ته ڪو سڱ وغيره ملي ته ڏيونس” .سڀاڳي جي ما ُء چيو. “ٻيلي غربت اچي وڌي آهي ٻن ٽن سالن واري ڏڪار ت ماڻهن کان سڀ ڪجهه کسي ڇڏيو آهي اَنُ پاڻي ته ڏکيو ٿي پيو آهي پر خوشيون به موڪالئي ويون آهن ”،خيرو وراڻي ڏيندي چيس. سڀاڳي جو پي ُء “پنهنجي خاندان ۾ به ڪو ڇوڪرو ڪونهي جو تنهن کي سندس سڱ ڏيون ”. (سڀاڳي جا ما ُء پي ُء ڪچهري ڪندي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ،هو َء کٽ جي ٻئي پاسي منهن ڪري سمهي اهو ٻڌي رهي هئي). “اڙي سچي کمون َء چيو هو ته آئون پنهنجي ڇوڪري اوهان کي خدا ڪارڻ ڏيڻ ٿو چاهيان.ٿو اوهان جو خاندان سٺو آهي .وٽس پنج نياڻيون الئق ويٺيون آهن” سڀاڳي جي پي ُء چيو. “پر منهنجو منٺار ته ننڍو آهي” “آئون ڪهڙو وڏو هئس جڏهن پنهنجي شادي ٿي هئي بهرحال پنهنجا آهن ڪري ٿا ڇڏيون” خيرو َء چيو . “اڳي تو ڪڏهن منهنجو چيو مڃيو آهي جو هاڻي مڃندين مردن جو موچڙو اسان ماين تي سدائين رهيو آهي” سڀاڳي جي ما ُء اهو چوندي پاسو ورائي سمهي رهي . “اوهين زائفون ته آهيو گهر ڦٽائڻ ال ِء” خيرو َء چيو. رات وڌندي ۽ ختم ٿيندي رهي ،صبح سوير ئي ساڳي هلچل ،ڪو مزدوري تي ته ڪو ٻڪرين ۾ سڀ وڃي چڪا هئا تيز اس ٺوٺ زمين کي تپائي رهي هئي . “اڙي سڀاڳي اٿي وڃو جنڊا پاڻي جا ڀري اچو پو 18
ڪاڙهو (اس) تپي ويندو” سڀاڳي جي ما ُء چيو. “ها امان ها آئون ۽ ستٻائي وڃون ٿا” سڀاڳي ورندي ڏيندي چيو. ايتري ۾ڪان ُء اچي اڱڻ ۾ بيٺل نم تي ويٺو ۽ ڪان ڪان ڪرڻ لڳو. “اڄ اال ِء ڪير ٿو مهمان اچي ڪان ُء سويرو پيو رڙي ”.سڀاڳي چيو. “اچن ٿا تو کي گهرڻ وارا وڃ پاڻي ڀري اچ ڪم پڄئي ڪونه رڳو وات هڻڻ ۾ پوري آهين ”.سڀاڳي جي ما ُء ڪاوڙ مان چيو. سڀاڳي ۽ ستٻائي گڏهن تي جنڊا رکي روانيون ٿيون . “اڄ مون وٽ هڪڙي خوشخبري آهي پر ٻڌائينديس ڪون ”.سڀاڳي چيو“ ،ڇوري ڇو ڪونه ٻڌائيندين هان”.ستٻائي چيو. “بس آهي ڪا ڳالهه نه ٻڌائڻ جهڙي ڦِڪي ٿي ٿيان ”.سڀاڳي َء چيو. “لوڻ کڻي تنهنجي وات ۾ وجهنديس ته پاڻهي ڦڪي ڪانه ٿيندين َء ”.ستٻائي وراڻيو“ .چڱو ڀال ٻڌ رات امان ۽ بابا وارن منهنجي شادي جي پئي ڳالهه ڪئي”. سڀاڳي َء چيو. “ائي ڇوري هيڏي سڄي ڳالهه مون کان لڪائي ويٺي هئين ”.ستٻائي وراڻيو “هاڻي ويري (پاڻي جو کوهه) اچي ويو اٿئي ان خوشي ۾ تون پاڻي جا وارا ڪڍ ”.ستٻائي َء چيو. “چڱو ڀال ڪڍان ٿي ٻيو حڪم ”.سڀاڳي ِء کلندي چيو. ٻئي ڄڻيون پاڻي ڀري آيون ته گهر اڳيان جيپ (گاڏي) بيٺي هئي. “اڄ سڀاڳي تنهنجو سر ويو آيا اٿئي ”.ستٻائي چيو. “ڇڏ بي شرم ”. .....سڀاڳي َء چيو. ڏورانهين ڪنهن شهر مان ڪجهه سندن مائٽ رشتو وٺڻ آيا هئا .سندن اڱڻ تي چار ماڻهو اڇن ڪپڙن وار ويٺا هئا .خيرو کي چيائون ته “ادا خير محمد! اسان وٽ نياڻي ته آهي ،ته به ڳالهه ڪيون ٿا ،اسان واري همراه کي اڳين گهر مان ڪوبه اوالد ڪونهي ،عمر پنجاه سال لڳ ڀڳ ٿيندي ،مال ملڪيت زمين وغيره اٿس ،جيڪڏهن شادي بعد ڪو اوالد وغيره ٿيو ته وارث ٿي پوندو اسان تو کي پنج لک روپيا ڏيون ٿا ته تون سڱ ڏي ”.هڪ شخص چيو. “پنج لک روپيا ”...خيرو َء کان دانهن ٿي نڪتي .هن ڪڏهن پنج هزار روپيا به نه ڏٺا هئا. بقايا صفحو 52