Sujaag 5 final

Page 24

‫ڪينجهر ڍنڍ جو الميو‬ ‫محمد عدنان مستقيم‬ ‫انســان کــي ڌرتــيَء تــي موڪلــڻ کان پهريــن ڪائنــات جــي حقيقــي مصــور جڏهــن‬ ‫ڌرتــيَء کــي ســاهه وارن جــي رهائــش الِء هــڪ خوبصــورت ۽ پرآســائش گرهــه پئــي‬ ‫ٺاهيــو تــه ان تــي خوبصــورت ڍنــڍن جــو هــڪ نظــام بــه ٺاهيــو‪ ،‬جيڪــي انســان ۽ ٻيــن‬ ‫ســاهه وارن جــي ضــرورت کان ســواِء قــدرت واري جــو انمــول تحفــو بــه آهــن‪ .‬ڍنــڍون‬ ‫مٺــي پاڻــيَء جــون هجــن يــا کاري پاڻــيَء جــون‪ ،‬پــر اهــي پنهنجــي جــاِء تــي هــڪ‬ ‫مڪمــل حياتياتــي‪ ،‬ماحولياتــي نظــام آهــن‪ .‬حضــرت انســان جــي منفــي ســرگرمين‬ ‫دنيــا جــي ڪيتريــن ئــي ڍنــڍن جــي ماحولياتــي نظــام کــي تباهــه ڪــري ڇڏيــو آهــي‪.‬‬ ‫اهڙيــن ڍنــڍن مــان ٺٽــي ضلعــي ۾ موجــود ڍنــڍ نــوري ۽ ڄــام تماچــيَء جــي پيــار‬ ‫جــي ســاکي ڪينجهــر بــه هــڪ آهــي‪ ،‬جيــڪا ڪجهــه ســال اڳ دنيــا ۾ نيــري پاڻــيَء‬ ‫جــي خوبصــورت ڍنــڍ ســمجهي وينــدي هئــي‪ .‬بدقســمتيَء ســان هــن وقــت ســخت‬ ‫ماحولياتــي مســئلن جــي ور چڙهيــل آهــي‪.‬‬ ‫ڪجهــه وقــت اڳ ماحوليــات تــي ڪــم ڪنــدڙ هــڪ تنظيــم “گريــن انوائرمينــٽ”‬ ‫هــڪ ســروي ڪرائــي هئــي‪ ،‬تــه توهــان کــي جيڪڏهــن ٻيهــر زندگــي ملــي تــه توهــان‬ ‫ڪٿــي پيــدا ٿيــڻ پســند ڪنــدو تــه ماڻهــن جــي اڪثريــت اهــڙن هنــڌن تــي ٻيهــر رهــڻ‬ ‫پســند ڪيــو‪ ،‬جتــي مٺــي پاڻــيَء جــا ذخيــرا‪ ،‬خــاص ڪــري خوبصــورت ڍنــڍون آهــن‪ .‬پــر‬ ‫اهــي ســڀ اهــڙن عالئقــن جــا رهواســي هئــا‪ ،‬جتــي خوبصــورت واديــون‪ ،‬ســائي چــادر‬ ‫اوڍيــل جبلــن جــون قطــارون ۽ ڍنــڍون موجــود آهــن‪ .‬اهڙيــون ڍنــڍون جيڪــي ڪنهــن‬ ‫بــه گــدالڻ جــو شــڪار ناهــن‪ ،‬نــه ئــي انهــن ۾ گٽــرن‪ ،‬اســپتالن‪ ،‬مــال جــي واڙن‪ ،‬زرعــي‬ ‫زمينــن جــو خــارج ڪيــل پاڻــي يــا فيڪٽريــن جــو بنــا ٽريٽمينــٽ ٿيــل مــادو پــوي ٿــو‪.‬‬ ‫ان ڪــري اهڙيــن ڍنــڍن جــي ڪنــاري هــر قســم جــي زندگــي روان دوان آهــي‪ ،‬کــوڙ‬ ‫ســاري مڇــي‪ ،‬اڏامنــدڙ پکــي ۽ خوبصــورت انســاني آباديــون‪ ،‬ڇــا اســان اهــي ســڀ‬ ‫خوبيــون ســنڌ جــي ڍنــڍن‪ ،‬خــاص ڪــري ڪينجهــر الِء ڳڻائــي ســگهون ٿــا؟ جــواب‬ ‫ٿينــدو قطعــي نــه‪.‬‬ ‫پاڪســتان جــي وڏي ۾ وڏي شــهر ڪراچــيَء جــي ســتر ســيڪڙو آبــادي ۽ ٺٽــي ضلعــي‬ ‫جــي ســاڄي هــٿ واري آبــاديَء کــي پيئــڻ تــوڙي زراعــت الِء پاڻــي مهيــا ڪنــدڙ‬ ‫‪24‬‬

‫“ســر‬ ‫ســنڌ جــي مشــهور لــوڪ داســتان “نــوري ڄــام تماچــي” ۽ شــاهه لطيــف جــي ُ‬ ‫ڪامــوڏ” جــي حوالــي ســان ُملــڪان ملــڪ مشــهور ڪينجهــر ڍنــڍ ڪراچــيَء کان‬ ‫‪ 120‬ڪلوميٽــر اُتر‪-‬اوڀــر‪ ،‬حيدرآبــاد کان ‪ 80‬ڪلوميٽــر ڏکــڻ‪ ،‬ٺٽــي شــهر کان ‪20‬‬ ‫ڪلوميٽــر اُتر‪-‬اولهــه جهمپيــر ريلــوي اسٽيشــن کان هــڪ ڪلوميٽــر اوڀــر نيشــنل‬ ‫هــاِء وي ضلعــي ٺٽــي ۾ موجــود آهــي‪ .‬هــن ڍنــڍ جــي ڊيگهــه ‪ 32‬ڪلوميٽــر ۽ ويڪــر ‪6‬‬ ‫ڪلوميٽــر آهــي‪ .‬ان حســاب ســان هــيَء ڍنــڍ ‪ 192‬هــم چــورس ڪلوميٽــرن جــو تاڃــي‬ ‫پيٽــو رکــي ٿــي‪ .‬هــن آب گاهــه کــي ‪1932‬ع ۾ ڍنــڍ جــو درجــو ڏنــو ويــو‪ .‬هــن ڍنــڍ کــي‬ ‫پاڻــي ســنڌو دريــاَء مــان ڪوٽــڙي بئــراج وٽــان نڪرنــدڙ دائمــي واهــه‪ ،‬ڪلــري بگهــاڙ‬ ‫واهــه (ڪــي بــي فيــڊر) ذريعــي منتقــل ڪيــو وڃــي ٿــو‪ .‬جڏهــن تــه برســات جــي موســم‬ ‫۾ اولهــه کان نئيــن لويــاچ ۽ اتــر اولهــه کان نئيــن ســوڙهه جــو بــه برســاتي پاڻــي ســڄي‬ ‫ڪوهســتان مــان کڻــي اچــي ڪينجهــر ۾ وجهــن ٿيــون‪ .‬هــيَء ڍنــڍ پيئــڻ جــي پاڻــيَء‬ ‫کان ســواِء هزاريــن مالحــن جــي گــذر ســفر جــو ذريعــو بــه آهــي‪ ،‬جــن جــو گــذر ڍنــڍ مــان‬ ‫مرنــدڙ مڇــيَء مــان ٿئــي ٿــو‪ .‬ان ســان گڏوگــڏ ڪينجهــر ڍنــڍ ســياري جــي موســم ۾‬ ‫ســائيبيريا ۽ ٻيــن ٿــڌن ملڪــن مــان اينــدڙ پکيــن جــو َمســڪن پــڻ آهــي‪ .‬جيڪــي‬ ‫هتــي اچــي آنــا ڏيــن ٿــا ۽ انهــن مــان ٻچــا پيــدا ڪــري ڪينجهــر جــي فضائــن ۾ ٻچــن‬ ‫کــي اڏارڻ ســيکاري ولــرن جــي صــورت ۾ پنهنجــي ملڪــن ڏانهــن وٺــي وڃــن ٿــا‪.‬‬ ‫يعنــي هــيَء ڍنــڍ انهــن پکيــن جــي افزائــش ۽ نرســريَء جــو اهــم هنــڌ آهــي‪ .‬ماهــرن جــي‬ ‫تحقيــق مطابــق هــن ڍنــڍ تــي مختلــف ٿــڌن ملڪــن کان هــر ســال پکيــن جــا تقريبـ َا َ‬ ‫‪ 65‬قســم اچــن ٿــا‪ .‬جــن مــان هــڪ قســم ســائيبيرين ڪونــج جــو بــه آهــي‪ ،‬جنهــن جــي‬ ‫نســل جــي ختــم ٿــي وڃــڻ جــو انديشــو آهــي‪.‬‬ ‫جيئــن تــه هــيَء ڍنــڍ پيئــڻ جــي پاڻــيَء کان ســواِء‪ ،‬زراعــت‪ ،‬ماهيگيــري‪ ،‬ٻاهــران اينــدڙ‬ ‫پکيــن ۽ مختلــف جانــورن جــو َمســڪن (‪ )Habitat‬هئــڻ ســميت مختلــف ُرخــن کان‬ ‫انتهائــي اهميــت واري آهــي‪ .‬ان ڪــري هــن ڍنــڍ مــان فائــدو وٺــڻ‪ .‬مختلــف ُرخــن کان‬ ‫ڍنــڍ کــي اســتعمال ڪــرڻ‪ ،‬مڇــي مــارڻ‪ ،‬ڍنــڍ مــان مختلــف قســم جــون ٻوٽيــون ڪــڍڻ‪،‬‬ ‫غيــر ضــروري پاڻــي وٺــڻ يــا رهائــش اختيــار ڪــرڻ ۽ غيــر قانونــي شــڪار ڪــرڻ‪،‬‬ ‫خــاص ڪــري نايــاب جنســن کــي نقصــان وغيــره پهچائــڻ کان بچائــڻ الِء مختلــف قومــي‬


Issuu converts static files into: digital portfolios, online yearbooks, online catalogs, digital photo albums and more. Sign up and create your flipbook.