Skip to main content

Tandrusti mag 2015 jan

Page 1

‫تــنـدرسـتـي‬

“TANDRUSTI” A Fortnightly E-magazine in Sindhi language for promotion of Science & disseminating information on Health, Environment, Climate change & Biodiversity

2015 ‫ جنوري‬15 - ‫جنوري‬1

‫ايبوال‬

‫دنيــا ۾ ڏهــڪاُء پيدا ڪندڙ وائرس‬

9


‫تــــنــدرســتـي‬

‫يل اســپتالن کان بـ‬ ‫تندرســت معارشي ال ِء جديد دوائن ۽ اع ٰ‬ ‫وڌيــڪ رضوري صحت بابــت بنيادي ڄاڻ جو هجڻ آهي‪.‬‬

‫‪ 1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪ ، 2015‬شمارو‪ 09 :‬جلد‪002 :‬‬ ‫سرپرست‪:‬‬ ‫؟؟‬ ‫مئنيجنگ ايڊيٽر‬

‫اعجاز اسد پليجو‬

‫ايڊيٽر‪:‬‬

‫مرتضي‬ ‫ڊاڪٽر علي‬ ‫ٰ‬ ‫ڌاريجو‬ ‫مئگزين ڊيزائنر‪:‬‬

‫ماهتاب اعجاز پليجو‬

‫ايڊيٽوريل بورڊ‪:‬‬ ‫ڊاڪٽر مرلي ڌر‬

‫ڊاڪٽر وجي ڪمار‬

‫ڊاڪٽر فرحان پليجو‬

‫ڊاڪٽر واسديو لوهاڻا‬ ‫ڊاڪٽر ڪيشوداس‬

‫عبدالخالق ميڻو‬

‫پندرهنــوار “تندرســتي” مئگزيــن “ســنڌ ســائنس‬ ‫اڪئڊمــي” (رجســٽرڊ) پــاران فيســبڪ تــان آن الئــن‬ ‫شــايع ڪيــو وڃــي ٿــو‪ .‬هــن جــو مقصــد ســنڌي‬ ‫ٻــويل َء ۾ ســائنيس صحافــت ۽ ســائنيس ادب کــي‬ ‫عــام ڪــرڻ ۽ عــوام کــي بنيــادي صحــت جــي ڄــاڻ ڏيــڻ آهــي‪.‬‬ ‫“تندرستي” مئگزين الِء مواد اي ميل رستي يا هن پتي تي موڪلي سگھو ٿا‪.‬‬

‫‪Dr. Ali Murtaza Dharejo‬‬ ‫)‪Sindh University Employees Cooperative Housing Society (SUECHS‬‬ ‫‪House No. A-148 Sindh University Campus Jamshoro, 76080‬‬

‫هن شماري ۾‬ ‫تــــنـدرسـتيسماچار‪3-‬‬ ‫ايبوال وائرس کي سمجھو!‪4-‬‬ ‫ايبوال‪ :‬دنيا ۾ ڏهڪاُء پيدا‬ ‫ڪندڙوائـــــــرس‪5-‬‬ ‫جديدتحقيق‪8-‬‬ ‫ڳائو کير ۽ ٻارن‬ ‫جي صحت‪11-‬‬ ‫نبض ڇا آهي‪9-‬‬ ‫زهريال روڊ ۽ رستا‪12-‬‬

‫‪Email.‬‬

‫‪tandrustimag@gmail.com‬‬

‫‪VOL: 02 ISSUE No. 09, JANUARY 01- 15, 2015‬‬

‫‪ facebook‬۽ ‪ issuu.com‬تــي آن الئيــن پڙهيو‬ ‫وينــدڙ واحــد ســنڌي رســالو “تندرســتي” تيــزيَء‬ ‫ســان مقبوليــت ماڻــي رهيــو آهــي‪ .‬پڙهنــدڙن جــي‬ ‫اســرار تــي اســان هنکــي ٻيهــر “پندرهنوار”ڪــري‬ ‫رهيــا آهيــون‪.‬‬ ‫توهــان ۾ ســائنس تــي لکــڻ جــو چــاھ آهــي‬ ‫ ‬ ‫تــه “تندرســتي” ۾ توهــان کــي ڀليــڪار چئــون ٿــا‪.‬‬ ‫اســان توهانجــي لکڻيــن کــي ســنواري ســينگاري‬ ‫پيــش ڪــرڻ جــي آڇ ڪريــون ٿــا‪.‬‬ ‫تندرســتيَء الِء ســڀني لکنــدڙن کــي گــذارش‬ ‫ ‬ ‫آهــي تــه اهــي مضمونــن ســان گــڏ پنهنجــو مختصــر‬ ‫تعــارف ۽ تصويــر بــه موڪليــن‪.‬‬

‫“تندرســتي” مئگزيــن پڙهــڻ الِء‬ ‫الئيــڪ ڪريــو‪..‬‬ ‫يــا ‪ issuu.com‬تي ســرچ ڪريو‬


‫تــــنـدرسـتي‬

‫ســمـاچــار‬

‫ايبوال تي ظابطي الِء سيراليون جا اتريان عالئقا ‪ 3‬ڏينهن الِء بند‬

‫آفريــڪا جــي اولهنــدي ملــڪ ســيراليون ۾ ايبــوال وائرس تي ضابطــي الِء اترين‬ ‫عالئقــن کــي ‪ 3‬ڏينهــن الِء بنــد ڪيــو ويو‪ ،‬اختيارين موجب انهن عالئقن ۾ قائم‬ ‫شــاپنگ ســينٽرن‪ ،‬دڪانــن ۽ ســفري ســهولتون بــه بنــد ڪيــون ويــون آهــن‪ .‬ان‬ ‫کان اڳ ملڪ ۾ ڪرسمس تقريبن تي به پابندي هئي‪ .‬سيراليون جي اترين‬ ‫عالئقن جي وڏي وزير ٻڌايو ته انهن عالئقن ۾ ســڀ عوامي ســرگرميون معطل‬ ‫ڪيون ويون آهن‪ .‬مسلمانن ۽ عيسائين کي ‪ 3‬ڏينهن الِء مسجدن ۽ چرچن‬ ‫۾ ڪنهــن قســم جــا ميــڙ ڪــرڻ جــي اجــازت بــه نــه هونــدي‪ ،‬جڏهــن تــه عيســائي‬ ‫فقط ڪرســمس تي ٿوري وقت الِء چرچ وڃي ســگهندا‪ .‬هن چيو ته ‪ 3‬ڏينهن‬ ‫الِء ايبــوال جــي خاتمــي تــي ڪــم ڪنــدڙ گاڏيــن کان ســواِء ڪا بــه عــام گاڏي روڊ‬ ‫تــي نــه اينــدي‪ .‬اختياريــن امــڪان ظاهــر ڪيــو ته ‪ 3‬ڏينهــن واري انهـيَء پابندي‬ ‫۾ واڌ ب ـ ـه ڪ ـ ـري س ـ ـگهجي ٿ ـ ـي‪ .‬ي ـ ـاد ره ـ ـي ت ـ ـه گڏي ـ ـل قوم ـ ـن ج ـ ـي صح ـ ـت واري‬ ‫عالمــي اداري موجــب ايبــوال وائــرس ســبب اولهــه آفريڪا جي گني‪ ،‬الئيبيريا‬ ‫۽ ســيراليون ۾ لــڳ ڀــڳ ‪ 7500‬ماڻهــو فــوت ٿيــا‪ ،‬جــن مــان ســڀ کان وڌيــڪ‬ ‫ســيراليون متاثــر ٿــي‪ .‬هــن وقــت تائين اتي متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انــگ ‪ 9‬هزار‬ ‫آهــي‪ ،‬جنهــن مــان ‪ 2400‬فــوت ٿــي چــڪا آهــن‪.‬‬

‫ايبـــوال وائــرس جــــو‬ ‫پــکــــڙجڻ عـالـمـــي‬ ‫امــــــن الِء خــطــــرو‬

‫سنڌيڪار‪ :‬خادم رن د‬ ‫گڏيــل قومــن ۾ ســامتي‬ ‫ڪائونســل‪ ،‬گڏيــل طــور هــڪ‬ ‫ٺاهــه رســتي دنيــا تــي زور‬ ‫ڀريــو آهــي تــه اهــا‪ ،‬ايبــوال‬ ‫(‪ )Ebola‬وائــرس ســان منهــن‬ ‫ڏيــڻ الِء وســيال مهيــا ڪــري‪.‬‬ ‫گڏيــل قومــن جــي جنــرل‬ ‫ڪــي مــون‬ ‫ســيڪريٽري بــان ِ‬ ‫ســامتي ڪائونســل جــي‬ ‫هنگامــي اجــاس ۾ چتــاُء ڏنــو‬ ‫آهــي تــه ايبــوال وائــرس ســبب‬ ‫متاثــر ٿينــدڙ ماڻهــن جــي تعــداد‬ ‫۾ هــر ٽــن هفتــن ۾ ٻيــڻ تــي‬ ‫واڌارو ٿــي رهيــو آهي‪.‬صحــت‬ ‫جــي عالمــي اداري موجــب‪،‬‬ ‫هــن ســال ايبــوال وائــرس ســبب‬ ‫متاثــر ٿينــدڙ ماڻهــن مــان ‪2600‬‬ ‫ڄڻــا فــوت ٿــي چــڪا آهــن‪ .‬بــان‬ ‫ڪــي مــون وڌيــڪ چيــو آهــي تــه‬ ‫”صورتحــال جــي ســنجيدگيَء ۽‬

‫ڦهــاَء واريَء حالــت کــي نظــر‬ ‫۾ رکنــدي‪ ،‬هاڻــي صحــت کــي‬ ‫بچائــڻ الِء هــڪ عالمــي ســطح‬ ‫جــي ڪاروائــيَء جــي گهــرج‬ ‫آهــي‪ “.‬هــن ايبــوال وائــرس ســان‬ ‫ُمنهــن ڏيــڻ واســطي ’گڏيــل‬ ‫قومــن جــو هنگامي مشــن‘ قائم‬ ‫ڪــرڻ جــو اعــان ڪيــو آهــي‪،‬‬ ‫جيڪــو صحــت جــي عالمــي‬ ‫اداري ڊبليو‪.‬ايــڇ‪.‬او (‪)W.H.O‬‬ ‫ســان ملــي ڪــم ڪنــدو‪.‬‬ ‫اجــاس ۾ ٻڌايــو ويــو‬ ‫ ‬ ‫تــه‪ ،‬ايبــوال وائــرس جــي بحــران‬ ‫ســان نبــرڻ الِء هاڻوڪيــن‬ ‫عالمــي ڪوششــن کــي ٽيــڻ‬ ‫تــي وڌائــڻ کپنــدو هــو‪ .‬قــرارداد‬ ‫۾ ڪجهــه ملڪــن پــاران الڳــو‬ ‫ڪيــل ســفري پابنديــن کــي پــڻ‬ ‫هٽائــڻ جــو مطالبــو ڪنــدي چيــو‬

‫ايبــوال وائــرس ‪2015‬ع جــي آخــر‬ ‫تائيــن بــه ختــم نــه ٿــي ســگهندو‬

‫صحــت جــي عالمــي اداري چيــو آهي ته اولهه‬ ‫آفريــڪا ۾ تباهــي پکيڙينــدڙ موتمــار وائــرس‬ ‫ايبــوال اينــدڙ ســال ‪2015‬ع جــي آخــر تائين‬ ‫بــه ختــم نــه ٿــي ســگهندو ۽ اهــو جــاري رهنــدو‪ ،‬صحــت جــي عالمــي اداري (ڊبليو‬ ‫ايچ او) جي سربراهه پيٽر پائٽ سيراليون کان موٽندي ميڊيا بريفنگ دوران‬ ‫ٻڌايــو تــه اتــان جــون حالتــون ڪجهــه بهتــر آهــن‪ ،‬جنهــن تي کيــس حوصلو مليو‬ ‫پــر ايبــوال جــو مڪمــل خاتمــو ســال ‪2015‬ع جــي آخــر تائيــن ممڪــن ناهــي‪.‬‬ ‫پروفيســر پائــٽ انهــن سائســندانن مــان آهــي جــن ‪1976‬ع ۾ پهريــون ڀيــرو‬ ‫ايبوال وائرس ڳوليو هو‪ ،‬سندس چوڻ هو ته الئيبريا ۾ وائرس جي وبا پنهنجي‬ ‫عــروج تــي آهــي‪ ،‬ٿــورن ڏينهــن ۾ ســيراليون ۾ بــه ان جــو اثــر وڌنــدو‪ .‬هــن چيــو تــه‬ ‫ٽنهي ملڪن ۾ وائرس ســبب ماڻهو مرڻ ۽ متاثر ٿيڻ جو سلســلو جاري آهي‪،‬‬ ‫هــن چيــو تــه ســيراليون ۾ هاڻــي برطانــوي امــداد ســان ڪيترائــي صحــت جــا‬ ‫مرڪــز قائــم ڪيــا ويــا آهــن‪ ،‬جنهــن کان پــوِء روڊ تــي ماڻهــو مــرڻ جــا منظر نظر نه‬ ‫ايندا‪ .‬هن چيو ته هاڻي متاثر ‪ 3‬ڄڻن مان هڪ فوت ٿئي ٿو‪ ،‬اهو تناسب اڳ‬ ‫کان گهــٽ آهــي‪ ،‬جنهــن کــي وڌيــڪ گهــٽ ڪــرڻ الِء اپـاُء وٺــي رهيــا آهيــون ۽‬ ‫عــاج جــا مختلــف طريقــا ڳولي رهيا آهيون‪ .‬هن چيو ته ويڪســين تيــار ڪرڻ‬ ‫وارو عمــل ڏکيــو آهــي پــر خواهــش آهــي تــه جلــد تيــار ڪئــي وڃــي‪.‬‬

‫ويــو آهــي تــه اهــڙن ملڪــن کــي‬ ‫الــڳ ٿلــڳ ڪــرڻ بــدران‪ ،‬اتــي‬ ‫امــداد پهچائــڻ گھرجــي‪ .‬ٺهــراَء‬ ‫۾ ملڪــن تــي زور ڀريــو ويــو‬ ‫آهــي تــه اهــي طبــي عملــي ۽‬ ‫گشــ ِتي اســپتالن ســميت تــرت‬ ‫امــداد فراهــم ڪن‪.‬اجــاس ۾‪،‬‬ ‫وڊيولنــڪ ذريعــي‪ ،‬الئبيريــا مان‬ ‫هــڪ ڊاڪٽــر ٻڌايو ته جيڪڏهن‬ ‫عالمــي بــرادري تڪــڙي مــدد الِء‬ ‫نــه پهتــي‪ ،‬تــه اســين دنيــا مــان‬ ‫ختــم ٿــي وينداســين‪.‬آمريڪي‬ ‫صــدر بــراڪ اوبامــا‪ ،‬اولهــه‬ ‫آفريــڪا ۾ ايبــوال وائــرس جــي‬ ‫ڦهــاَء کــي ’عالمــي امــن الِء‬ ‫خطــرو‘ قرار ڏينــدي هن وائرس‬ ‫خــاف مهــم ۾ شــريڪ ٿيــڻ الِء‬ ‫جــن قدمــن جــو اعــان ڪيــو تن‬ ‫۾ متاثــر ٿينــدڙ عالئقــي ۾ ٽــن‬ ‫هــزار آمريڪــي فوجيــن جــي‬ ‫مقــرريَء کانســواِء‪ ،‬عــام ماڻهوَء‬ ‫جــي صحــت الِء ڪجهــه نيــون‬ ‫ســهولتون بــه شــامل آهــن‪.‬‬ ‫گڏيل قومن جي ايبوال وائرس‬

‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫خــاف مهــم جــي رابطيــڪار‬ ‫موجــب‪ ،‬گذريــل هــڪ مهينــي‬ ‫دوران هــن وائــرس جــي ڦهــاَء‬ ‫کــي روڪــڻ الِء گهربــل رقــم‬ ‫۾ ڏهــوڻ تــي اضافــو ٿــي چڪــو‬ ‫آهي‪.‬ايبــوال وائــرس فيبــروري‬ ‫مهينــي ۾ گِنــيَء مــان ڦهلجــڻ‬ ‫شــروع ٿيــو ۽ هينئــر تائيــن‬ ‫الئبيريــا‪ ،‬ســيرالِيون ۽ نائجيريــا‬ ‫تائيــن ڦهلجــي چڪــو آهــي‪.‬‬ ‫رضــاڪار طبــي اداري‬ ‫ ‬ ‫’ميڊيســن ســانز فرنٽيئــرز‘ جــو‬ ‫چــوڻ آهــي تــه اولهــه آفريــڪا‬ ‫۾ ايبــوال جــي وبــا تــي ضابطــو‬ ‫آڻــڻ الِء گھــٽ ۾ گھــٽ ڇهــن‬ ‫مهينــن جــو وقــت لڳــي ســگهي‬ ‫ٿو‪.‬صحــت جــي عالمــي اداري‬ ‫موجب‪ ،‬هن وائرس جي رســتي‬ ‫روڪ ۾ هــڪ ڏکيائــي اهــا آهــي‬ ‫تــه جيڪــي عالئقــا ايبــوال مــان‬ ‫متاثــر ٿيــا آهــن ســي انتهائــي‬ ‫غربــت‪ ،‬غيرفعــال صحــت واري‬ ‫نظــام‪ ،‬ڊاڪٽــرن جــي کــوٽ ۽‬ ‫شــديد خــوف جــو شــڪار آهــن‪.‬‬

‫‪3‬‬


‫اعجــاز اســد پليجــو‬

‫ليڪٿيل‬ ‫رت نيل‬

‫ايبوال وائرس کي سمجھو!‬ ‫ايبوالوائرس‬ ‫نوان وائرس ورهائجندي‬ ‫پيداٿيندي‬

‫سائٽوڪائنز‬

‫رت هري‬ ‫ميڪروفئج‬ ‫ايبــوال وائــرس‬ ‫جــا قســم‪:‬‬ ‫وائــرس جــا‬ ‫‪ 5‬قســم لــڌا‬ ‫ويــا آهــن جــن‬ ‫مــان چــار قســم‬ ‫بيــاري پيــدا‬ ‫ڪــن ٿــا‪.‬‬

‫جريو‬

‫رت نيل‬

‫ايبوال جو ذريعو (‪)Source‬‬

‫بيامري َء جو پکڙڻ (‪)Tranmission‬‬

‫جسم جو نقصان (‪)Damage‬‬

‫جســم ۾ وائــرس پهچــڻ ســان ‪ 2‬کان ‪ 21‬ڏينهــن ۾‬ ‫بيــاري َء جــون نشــانيون ظاهــر ٿــن ٿيــون‪ .‬جســم‬ ‫جــي اهــم عضــون جــي نــاڪام ٿيــڻ ســبب مــوت ٿي‬ ‫ســگھي ٿــي‪.‬‬

‫وائــرس ورتــل چم ـڙا ســڌو ســنئون ماڻهــن‬ ‫تائــن (اڻ پــڪل گوشــت کائــڻ يــا رابطــي‬ ‫۾ اچــڻ رســتي) يــا اڻســڌي طــرح جھنــگيل‬ ‫(گوشــت ال ِء شــڪار ڪيــل) جانــورن کان‬ ‫انســان تائــن وائــرس منتقــل ٿــن ٿــا‪ .‬نشانوبڻجندڙعضوا‬ ‫جرييجاگھرڙا‬

‫آفريڪا ۾ ٿيندڙ وڏا ميوي خور چمڙا ايبوال‬ ‫وائرس جا قدريت ميزبان ۽ ذريعو‬ ‫سمجھياوڃن ٿا‪.‬‬

‫ڙا‬ ‫هرڻ‬

‫ميوي خور چمڙا‬

‫ننڍ‬

‫گوريال‬

‫چمپينزي‬

‫‪ 26‬آگســٽ ‪1976‬ع ايبــوال‬ ‫جــو پهريــون ڪيــس‬ ‫ظاهــر ٿيــو‪.‬‬ ‫ايبوالوائرسجوذريعو وائرس جا ‪ 5‬قسم لڌا ويا‬ ‫آهــن جــن مــان چــار قســم‬ ‫خطرنــاڪ ۽ بيمــاري پيدا‬ ‫و‬ ‫ائرس‬ ‫م‬ ‫ي‬ ‫ڪنــدڙ آهن‪.‬‬ ‫ڪ‬ ‫روفيجس ايبوال وائرس‬ ‫يت‬ ‫هــن وائــرس ســبب ٿينــدڙ‬ ‫حم‬ ‫لوڪ‬ ‫ر‬ ‫ي‬ ‫ٿ‬ ‫و‬ ‫بيمــاريَء کــي ايبــوال‬ ‫ميڪروفئج‬ ‫هيمريجــڪ فيــور (‪Ebola‬‬ ‫‪)Hemorrhagic Fever /EHF‬‬ ‫چــون ٿــا‪.‬‬

‫رتين‬ ‫ڪ‬

‫دڙ م‬

‫ئمل‬

‫ممڪن رستا‬

‫رتنالني‬ ‫جي‬ ‫اندروين‬ ‫اسرتجا‬ ‫گھڙ ار‬

‫‪ #‬وائــرس ورتــل جيــري يــا مئل‬ ‫جانــور يا انســان جي جســاين‬ ‫پاڻيٺن ســان لھوچــڙ ۾ اچڻ‬ ‫‪ #‬وائــرس ورتــل جانــور جــو‬ ‫گوشــت واپرائــڻ‬ ‫‪ #‬اهڙيــن شــن کــي‬ ‫هــٿ رت جــا اڇــا‬ ‫ـل‬ ‫ـ‬ ‫ت‬ ‫ر‬ ‫و‬ ‫ـرس‬ ‫الهــڻ جيڪــي وائـ‬ ‫ـاين پاڻيٺــن فيگوســا ئٽ‬ ‫انســان جــي جسـ‬ ‫ٿيــل هجــن گھــرڙا‬ ‫ســان گدليــون‬

‫ايبــوال ۾ مــوت‬ ‫ايبوال مڇر جي َچڪ ۽ هوا جي ذريعي نٿو پکڙجي‪.‬‬ ‫جــا امــڪان ‪ 30‬کان ‪90‬‬ ‫وائــرس صابــڻ‪ ،‬بليــچ ۽ ســج جــي روشــني ســيڪڙو تائــن هونــدا آهــن‪.‬‬ ‫وائــرس ۾ ورتــل مريــض جو موت‬ ‫برداشــت نٿــو ڪــري ســگھي ۽ مــري وڃــي ٿــو‪ 10 .‬ڏينهــن ۾ ٿــي ســگھي ٿــو‬

‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫نشانيون‬ ‫(‪)Symptoms‬‬

‫بخار‬ ‫نڙي جو سور‬ ‫مٿي ۾ شديد سور‬ ‫جســم ۾ شــديد‬ ‫ســور‬ ‫شديدهيڻايئ‬ ‫الٽيون (رت واريون)‬ ‫دست (رت وارا)‬ ‫جــري ۽ گــردن جــو‬ ‫نــاڪام ٿيــڻ‬ ‫جســم انــدر ۽ ٻاهــر‬ ‫رت هــر ٿيــڻ‬

‫‪ Ebola cAd3، VSV-EBOV‬ايبــوال کان‬ ‫بچــا ُء ال ِء ٻـــ تجربــايت ٽُــڪا (‪)Vaccines‬‬ ‫آهــن جــن جــا مــارچ ‪ 2015‬۾‬ ‫مارڪيــٽ ۾ اچــڻ جــا امــڪان آهــن‪.‬‬

‫‪4‬‬


‫وائريس روڳ (‪)Viral Diseases‬‬

‫ڊاڪٽر مرلي ڌر‬

‫ايــــبــــوال‬

‫دنيا ۾ ڏهڪاُء پيدا‬ ‫ڪنــدڙ وائ ـ ـ ـ ــرس‬

‫ايبــوال وائــرس ســبب هــن وقــت‬ ‫تائين ‪ 5000‬کان وڌيڪ ماڻهو‬ ‫مــوت جــو کاڃ ٿــي چــڪا آهــن‬ ‫ايبوال بيماري اٽڪل چار ڏهاڪا اڳ ڪر کنيو‪ .‬جيئن ته هن بيماريَء گھڻو ڪري غريب ملڪن کي ئي پنهنجي خوني‬ ‫چنبي ۾ آندو تنهنڪري ان تي نه ته ڪا تحقيق ٿي ۽ نه ئي وري ان جي ڪا وئڪسين تيار ڪئي وئي‪ .‬ٽين دنيا‪ ،‬غريب‬ ‫ملڪــن جــي آهــي‪ .‬ان کانســواِء بــه ان کــي ڪيترائــي مــرض وڪوڙيــل آهــن‪ .‬تعليــم جــي ڪمي‪ ،‬انتهاپســندي‪ ،‬جهڳــڙا‪ ،‬پاڻ ۾‬ ‫اڻبڻت جهڙيون سڀ ڳالهيون ٽين دنيا ۾ رائج آهن‪ .‬امير دنيا جا مرض مختلف آهن‪ .‬انهن جو بيماريون به مختلف آهن‪ .‬چار‬ ‫ڏهاڪا اڳ جنهن بيماري منهن ڪڍيو تنهن کان بچاُء جا اڃان تائين ٽُڪا تيار نه ڪري ســگهڻ‪ ،‬ســوچڻ جي ڳالهه آهي‪.‬‬ ‫گذريــل ‪ 36‬ســالن ۾ ايبــوال وائــرس جــي انفڪيشــن‬ ‫ ‬ ‫جــو ‪ 20‬وبائــون پکڙيــون‪ .‬اهــڙي هــر وبــا وچ آفريــڪا جــي‬ ‫ڪنهــن ننــڍي شــهر ۾ پکــڙي ۽ ‪ 300‬کان گهــٽ ماڻهــو مــوت‬ ‫جــو بــک بڻيــا‪ .‬پــر هــن دفعــي اهــا ڪجهــه نــوان رنــگ کڻــي‬ ‫ظاهــر ٿــي آهــي‪ .‬جنهــن ‪ 3‬آفريڪــي ملڪــن الئيبريــا‪ ،‬گنــي‬ ‫۽ ســيرالِيون کــي متاثــر ڪيــو آهــي جتــي جــي آبــادي ‪20‬‬ ‫مليــن آهــي‪ .‬اڄ تائيــن ‪ 5000‬ماڻهــو مــري چــڪا آهــن ۽ اهــو‬ ‫وائــرس ٻيــن آفريڪــي ملڪــن ڏانهــن پکڙجــي رهيــو آهــي‪.‬‬ ‫ايســتائين جــو اســپين ۽ آمريــڪا بــه متاثــر ٿيــا آهــن (هــاڻ‬ ‫شــايد وئڪســين ايجــاد ٿئــي)‪ .‬صحــت جــي عالمــي اداري‬ ‫مطابــق‪ ،‬اينــدڙ هفتــن ۾ ‪ 10000‬وڌيــڪ ماڻهــو متاثــر ٿينــدا‬ ‫۽ انهــن مــان ‪ 70‬ســيڪڙو مــري وينــدا‪.‬‬ ‫دنيــا هــڪ ٻئــي ســان جڙيــل آهــي‪ .‬هوائــي جهــازن‪،‬‬ ‫ ‬ ‫ٽرينــن ۽ پاڻــي جــي جهــازن رســتي هــي وائــرس هــڪ‬

‫ايبــوال وائــرس کــي وڏو ڪــري ڏيکاريــو ويــو آهــي‬ ‫ملــڪ کان ٻئــي ملــڪ تائيــن تيــزيَء ســان پهچــي ســگهي‬ ‫ٿــو‪ .‬خوشــحال ملــڪ تــه ڌڪ پچائــي وينــدا‪ ،‬غريــب ملڪــن‬ ‫جــي ٻيــڙي ســير تــي آهــي‪ .‬خــاص ڪــري ٽيــن دنيــا اڳ ئــي‬ ‫غريــب آهــي‪ ،‬وڌيــڪ غريــب ٿــي وينــدي اهــم ڳالهــه اهــا‬

‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫‪5‬‬


‫وائريس روڳ‬

‫ايبــوال جــون نشــانيون‬ ‫تپ يا بخار مٿي ۾ سور نڙي َء جو سور‬

‫پيٽ ۾ سور‬

‫الٽيون (رت واريون)‬

‫دست (رت وارا)‬

‫جسم ۾ سور‬

‫نڪ وات مان رت‬

‫آهــي تــه ان کــي مغربــي آفريــڪا کان ٻاهــر پکڙجــڻ نــه ڏنــو‬ ‫وڃــي‪ .‬الئبريــا ۽ ٻيــن ملڪــن ۾ اســپتالون ۽ طبــي عملــو‬ ‫گهــٽ آهــي‪ ،‬پئســو ڪونهــي‪ ،‬خوشــحال دنيــا کــي اڳتــي‬ ‫اچڻــو پونــدو‪ .‬طبــي عملــو ڊپ ۾ اڳتــي نــه ٿــو اچــي‪ .‬هــڪ‬ ‫ســوچ اهــا بــه آهــي تــه‪ ،‬جيڪــي ايبــوال مــرض جــا متاثــر‬ ‫بچــي ويــا آهــن‪ ،‬انهــن کــي ڀرتــي ڪجــي‪ .‬ڇــاڪاڻ تــه‪ ،‬انهــن‬ ‫۾ مدافعــت پيــدا ٿــي چڪــي آهــي‪ .‬بهرحــال مســئلو ڳنڀيــر‬ ‫آهــي‪ .‬گهــڻ پاســائين حڪمــت عملــي جــي ضــرورت آهــي‪.‬‬ ‫ايبــوال بيمــاري جــي شــروعات ‪ 1976‬۾ ٿــي‪ .‬پهريــون‬ ‫ ‬ ‫زارا (‪ )Nzara‬ســوڊان ۾‪ ،‬ٻــي يــام باڪــو‪ ،‬ڪانگــو ٻــي ايبــوال‬ ‫نــدي جــي ڀرســان هــڪ ڳــوٺ ۾ ٿــي تنهــن ڪــري ان جــو نالــو‬ ‫ايبــوال پيــو‪ .‬ايبــوال مــرض تيــزي ســان پکڙجــي ٿــو‪ .‬هــر مريض‬ ‫سراســري طــور تــي ٻــن صحتمنــد فــردن کــي متاثــر ڪــري ٿو‪.‬‬ ‫ايبــوال مريــض جــي جســم جــون رتوبتــون پکيــڙ جــو ســبب‬ ‫ٿيــن ٿيــون‪ .‬ان ســبب طبــي عملــو بــه متاثــر ٿئــي ٿــو‪.‬‬

‫ايبــوال‪ ،‬جنهــن کــي خونــي بخــار بــه چــون ٿــا‪،‬‬ ‫ ‬ ‫جهنگلــي جانــورن مــان انســان ۾ داخــل ٿــي پــوِء انســان‬ ‫مــان انســان ڏانهــن پکڙجــي ٿــو‪ .‬ايبــوال ســبب ‪ 50‬کان ‪70‬‬ ‫ســيڪڙو مــرڻ جــو خطــرو رهــي ٿــو‪ .‬شــروعات ۾ اهــو وچ‬ ‫آفريــڪا ۾ ڏٺــو ويــو ۽ هاڻــي مغربــي آفريــڪا جــي ڳوٺــن ۽‬ ‫شــهرن ٻنهــي ۾ موجــود آهــي‪ .‬ان جــي روڪــڻ الِء انفــرادي‬ ‫مريــض جــو عــاج ڪجــي‪ ،‬متاثريــن تــي نظــر رکجــي ۽‬ ‫ڳولهــي هــٿ ڪجــي‪ ،‬ســٺي ليبارٽــري هجــي جيــڪا وقــت‬ ‫ســر ســڃاڻپ ڪــري ســگهي‪ ،‬مــري ويلــن کــي احتيــاط ســان‬ ‫دفنائجــي ۽ ماڻهــن ۾ ســجاڳي پيــدا ڪجــي‪ .‬خــاص عــاج‬ ‫موجــود ڪونهــي‪ ،‬جســم کــي پاڻــي ســان تــر ڪجــي‪ ،‬بخــار‬ ‫آهــي تــه بخــار جــي دوا ڏجــي‪ ،‬رت وهــي تــه رت ڏجــي‪ ،‬رت‬ ‫جــا جــزا گهٽجــي وڃــن تــه اهــي ڏجــن‪.‬‬ ‫ايبــوال جــي تــازي وبــا جــو پهريــون مريــض مــارچ‬ ‫ ‬ ‫‪ 2014‬۾ تشــخيص ٿيــو‪ .‬بيماريــون بــه غريــب کي تيزي ســان‬ ‫مارينديــون آهــن‪ .‬جيڪــي ٽئــي آفريڪــي ملــڪ متاثــر ٿيــا‬

‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫‪6‬‬


‫وائريس روڳ‬

‫آهــن تــن وٽ طبــي ســهولتون اڻپوريــون آهــن‪ ،‬اســپتالون‬ ‫۽ طبــي عملــو ڪونهــي جهــڙوڪ‪ :‬ٿـــــر‪ .‬صحــت جــي عالمــي‬ ‫اداري ايبــوال کــي بيــن االقوامــي ايمرجنســي قــرار ڏنــو‬ ‫آهــي‪ .‬اهــو وائــرس وڏن چمــڙن جــي هــڪ خــاص نســل ۾‬ ‫پلبــو آهــي‪ .‬انســان ۾ ايبــوال‪ ،‬جانــورن جــي رت‪ ،‬رتوبتــن‬ ‫۽ عضــون وغيــره رســتي پهچنــدو آهــي‪ .‬اهــڙن جانــورن ۾‬ ‫بانــدر‪ ،‬گوريــا‪ ،‬چمــڙا وغيــره اچــي وڃــن ٿــا‪ .‬جانــورن مــان‬ ‫وائــرس خــاص طــور تــي ڦاٽــل چمــڙيَء مــان تڪــڙو جســم‬ ‫۾ داخــل ٿــي وڃــن ٿــا‪ .‬مريــض کــي دفنائــڻ وقــت بــه اهــو‬ ‫وائــرس صحتمنــد انســانن ۾ منتقــل ٿــي ســگهي ٿــو‪ .‬اهــو‬ ‫وائــرس ڪجهــه هفتــن الِء رت‪ ،‬رتوبتــن ۽ مرداڻــي رتوبــت‬ ‫(منــيَء) ۾ موجــود رهنــدو آهــي‪ .‬منــيَء ۾ ‪ 7‬هفتــن تائيــن‬ ‫موجــود رهــڻ ســبب نئيــن فــرد ۾ منتقــل ٿــي ســگهي ٿــو‪.‬‬ ‫وائــرس جــي جســم ۾ داخــل ٿيــڻ جــي ٻــن کان ‪ 21‬ڏينهــن‬ ‫تائيــن نشــانيون ظاهــر ٿــي ســگهن ٿيــون‪ .‬چٽيــن نشــانين‬ ‫۾ بخــار‪ ،‬ٿــڪ‪ ،‬مٿــي جــو ســور ۽ لڱــن جــو ســور آهــن‪.‬‬

‫ايبوال وائرس ڪينئ ٿو وچڙي ۽ پکڙي؟‬

‫چمڙن کان جھنگيل‬ ‫جھنگيل جانورن کان‬ ‫جانور‬ ‫انسان‬

‫انسان کان‬ ‫انسانن تائني‬ ‫پهچي ٿو‬

‫وائـــــرس جــي‬ ‫جســم ۾ داخــل‬ ‫ٿيــڻ جــي ‪ 2‬کان‬ ‫‪ 21‬ڏينهــن تائــن‬ ‫نشــانيون ظاهــر‬ ‫ٿــي ســگهن ٿيــون‪.‬‬

‫جيئــن جيئــن مــرض زور وٺنــدو آهــي تيئــن تيئــن وڌيــڪ‬ ‫ســنگين نشــانيون جهــڙوڪ‪ُ :‬الٽــي‪ ،‬دســت‪ ،‬جســم تــي ڪارا‬ ‫نشــان‪ُ ،‬بڪيــن ۽ جگــر جــو خــراب ٿيــڻ‪ ،‬جســم انــدر ۽‬ ‫ٻاهــر رت جــو وهــڻ‪ ،‬رت ۾ اڇــن ســيلن يــا جــزن ۽ ريــزن‬ ‫(پليٽيليٽــس) جــو گهٽجــڻ ظاهــر ٿينديــون آهــن‪ .‬عــام طــور‬ ‫تــي ايبــوال جــي ســڃاڻپ ڪــرڻ ڏکيــو ڪــم آهــي‪ .‬ڇــاڪاڻ تــه‬ ‫اهــا بيمــاري مليريــا‪ ،‬ٽائفائيــڊ‪ ،‬ڊينگــي‪ ،‬ڪانگــو ســان ملنــدڙ‬ ‫جلنــدڙ آهــي جنهــن ســبب لئبارٽــري چــڪاس اهــم ٿئــي ٿــي‪.‬‬ ‫عالج ۽ بچا ُء‪:‬‬ ‫ايبــوال جــو ڪــو خــاص عــاج موجــود ڪونهــي‪ ،‬جســم ۾‬ ‫پاڻــي جــي کــوٽ نــه ٿيــڻ ڏجــي‪ ،‬بخــار جــو عــاج ڪجــي‪.‬‬ ‫خــون جــا جــزا مريــض کــي ڏجــن‪ ،‬اڄ تائيــن ڪا وئڪســين‬ ‫بــه ايجــاد نٿــي ســگهي آهــي‪ .‬ايبــوال جــي بچــاَء جــا ٻيــا طريقــا‬ ‫آهــن جھــڙوڪ‪ :‬جانــورن کــي دســتانا پائــي هــٿ الئــڻ ۽ انهــن‬ ‫جــو گوشــت ســٺي نمونــي پچائــي کائــڻ‪ .‬انســان کان انســان‬ ‫کــي وچــڙڻ کــي روڪــڻ الِء بيمــار مريــض ســان مالقــات‬ ‫ڪــرڻ کانپــوِء پنهنجــا هــٿ وري وري ڌوئــي ملــي صــاف‬

‫ڪجــن‪ ،‬دســتانا پائجــن‪ ،‬منهــن‪ ،‬اکيــون ۽ وات ڍڪــي ڇڏجــن‬ ‫۽ خــاص چشــما پائجــن‪.‬‬ ‫وبائــي صورتحــال کان بچــڻ الِء مئــل ماڻهــو کــي‬ ‫ ‬ ‫جلــدي دفنائجــي‪ ،‬ايبــوال جــي مريــض ســان رابطــي ۾ اينــدڙ‬ ‫جــي نشــاندهي ڪجــي‪ ،‬اهــڙي شــخص تــي ‪ 21‬ڏينهــن تائيــن‬ ‫نظــر رکجــي‪ ،‬ان کــي نويڪلــو ڪــري ڇڏجــي ۽ صفائــي‬ ‫جــو خــاص خيــال رکجــي‪ .‬ايبــوال پاڻــي‪ ،‬هــوا ۽ کاڌي رســتي‬ ‫نٿــو پکڙجــي‪ .‬جيڪــي ماڻهــو ايبــوال مــان نوبنــا ٿــي ويــا‬ ‫هجــن تــن کــي گهــٽ ۾ گهــٽ ‪ 7‬هفتــن تائيــن همبســتريَء‬ ‫دوران ڦوڪڻــو پائــڻ گهرجــي ڇــاڪاڻ تــه منــيَء ۾ ايبــوال‬ ‫جــو وائــرس ‪ 7‬هفتــن تائيــن ڦــڙت رهــي ســگھي ٿــو‪.‬‬ ‫ايئرپورٽــن تــي اهــڙن ماڻهــن جــي چــڪاس ٿيــڻ‬ ‫ ‬ ‫گهرجــي جيڪــي الئيبريــا‪ ،‬گنــي ۽ ســيريالِيون مــان ســفر‬ ‫ڪــري اچــن ٿــا‪ .‬بخــار ۾ ورتــل ماڻهــن جي چــڪاس ڪجي‪،‬‬ ‫کانئــن پڇجــي تــه هــو ڪنهــن ايبــوال متاثــر فــرد ســان گ ِھــرا‬ ‫تــه نــه رهيــا آهــن‪ .‬اهــڙن ماڻهــن کــي نظــرداري ۾ رکجــي‪.‬‬ ‫جــن کــي بخــار هجــي تــن کــي ‪ 21‬ڏينهــن الِء نويڪلــو ڪــري‬ ‫مٿــن نظــر ۾ رکجــي ڇــاڪاڻ تــه وائــرس جــي جســم ۾‬ ‫گهــڙڻ جــي ‪ 2‬کان ‪ 21‬ڏينهــن تائيــن اهــي نشــانيون ظاهــر ٿــي‬ ‫ســگهن ٿيــون‪ .‬رت جــي وائــرل انٽيباڊيــن‪ ،‬وائــرل آر‪.‬ايــن‪.‬‬ ‫اي (‪ )RNA‬يــا وائــرس ڪلچــر ذريعــي چــڪاس ڪجــي‪.‬‬ ‫ايبــوال جــي مريــض الِء آِء‪.‬ســي‪.‬يو (‪ )ICU‬يونــٽ‬ ‫ ‬ ‫جــو هجــڻ بــه ضــروري آهــي تــه ڊائلســس جــي بــه ضــرورت‬ ‫پئجــي ســگهي ٿــي‪ ،‬جيڪڏهــن ممڪــن ٿــي ســگھي تــه‬ ‫مريــض جــو عــاج ڪنهــن اهــڙي اســپتال ۾ ڪجــي جتــي‬ ‫ســٺي لئبارٽــري‪ ،‬بلــڊ بئنــڪ‪ ،‬آِء‪.‬ســي‪.‬يو ۽ ڊائلســس جــون‬ ‫ســهولتون موجــود هجــن‪ .‬تــرت عــاج اهــم آهــي‪ ،‬جنهــن ۾‪،‬‬ ‫جســم ۾ جهجهــي مقــدار ۾ پاڻــي پهچائــڻ (وات يــا نســن‬ ‫جــي رســتي) اهــم آهــي‪ .‬صحتيــاب ٿينــدڙ فــرد تيــزي ســان‬ ‫تندرســت ٿــي وينــدا آهــن‪ .‬جــن جــي بيمــاري بگــڙي ٿــي ســي‬ ‫ٻيــن ڪيتــرن مســئلن جــو شــڪار ٿــي پونــدا آهــن جهــڙوڪ‪:‬‬ ‫جســم جــو ســور‪ ،‬چمــڙي جــو لهــڻ‪ ،‬وارن جــو ڪــرڻ‪ ،‬نظــر‬ ‫جــو گهٽجــڻ‪ ،‬اکيــن جــي ســوزش وغيــره‪.‬‬ ‫ســينٽر فــار ڊزيــز ڪنٽــرول ۽ پريوينشــن (‪Center for‬‬ ‫ ‬ ‫‪ )Disease Control & Prevention‬ايبــوال وائــرس کــي بايوســيفٽي‬ ‫ليول ‪ )Biosafety_4( 4‬ڪيٽيگري َاي ۾ رکيو ۽ بايو ٽيررازم‬ ‫ايجنــٽ (‪ )bioterrorism agent‬ســڏيو آهــي جــو هــن وائــرس ۾‬ ‫اهــا ســگهه آهــي تــه انکــي بائيوالجيــڪل (‪ )biological‬جنــگ الِء‬ ‫اســتعمال ڪــري ســگهجي‪ .‬پــر اهــو ان ڪــري ناممڪــن آهــي‬ ‫جــو هــي وائــرس کليــل هــوا ۾ بــي اثــر ٿــي وڃــي ٿــو‪** .‬‬

‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫‪7‬‬


‫جديد تحقيق جي روشني ۾ (‪)Research‬‬

‫ايبوال خطرناڪ پر ڪيترو؟‬

‫ڇــا حيــض دؤران ســنڀوڳ ‪ /‬جمــاع ڪــرڻ ســان عــورت کــي پيــٽ ٿــي ســگهي ٿــو؟‬

‫عــام طــور يت اهــا هــڪ خيــايل ڳالهـــ ڪئــي وينــدي آهــي تـــ‬ ‫جيڪڏهــن ڪا عــورت حيــض دؤران جــاع ڪنــدي تـــ کيــس پيــٽ‬ ‫ٿــي نـــ ســگهندو‪ .‬جڏهن تـــ حقيقت ۾ عورت مهينــي جي ڪنهن بـ‬ ‫تاريــخ يت ڪنهــن بـــ قســم جــي ڳــڀ روڪ اســتعامل ڪرڻ کانســوا ِء‬ ‫هــم بســري َء دؤران پيــٽ ســان ٿــي ســگهي ٿــي‪.‬‬ ‫جيــن تـــ مــرد جــا تخمــي جيــو‪ ،‬جــاع ڪــرڻ کانپــو ِء بـــ‪ ،‬عورتن جي‬ ‫جنمــي رسشــتي ۾ ڪيــرن ڏينهــن تائــن جيـرا رهــي ســگهن ٿــا‪ ،‬تنهنڪــري توهــان جيڪڏهــن حيــض دؤران بـ جــاع ڪندؤ تـــ تخمي‬ ‫ڊاڪٽــر عــي مرتــى ڌاريجــو‬ ‫جيــو ڪيــرن ڏينهــن تائــن جيـرا رهــي ســگهڻ ســبب عــورت کــي حاملــه ڪــري ســگهن ٿــا‪.‬‬ ‫روزاين سنڌ ايڪسپريس تان ورتل‬

‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫‪8‬‬


‫کري کان ايلرجي (‪)Milk Allergy‬‬

‫سنڌيڪار‪ :‬ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو‬

‫“ڳائــو کيــر ضــروري غــذا آهــي‬ ‫بشــرطيڪ توهــان گابــا هجــو‪”.‬‬ ‫ڳائــو‬

‫کيــر‬

‫۽‬

‫ٻــارن‬

‫جــي‬

‫صحــت‬

‫مريــض جــي چــارٽ جــو ڌيــان ســان اڀيــاس ڪيــم‪14” :‬‬ ‫ ‬ ‫مهينــن جــو ٻــارڙو ليــس زڪام ۾ مبتــا آهــي‪ ،‬کائــي پيئــي‬ ‫نٿــو‪ “.‬ســندس پــيُء ڪڪائــون رنگــو‪ 40 ،‬جــي ڏهاڪــي ۾‪،‬‬ ‫ٻــارڙو ســندس هنــج ۾ ۽ بيچيــن هــو‪ ،‬ســندس چمــڙي هلڪــي‬ ‫ڦــڪاڻ مائــل ســفيد هئــي‪ ،‬جنهــن ســبب منهنجــو پهريــون‬ ‫انــدازو هــو تــه کيــس ’ڪامــڻ‘ آهــي‪.‬‬ ‫پاڻکــي متعــارف ڪرائــڻ کانپــوِء ســندس پــيَء کان‬ ‫ ‬ ‫پڇيــم‪” :‬ڇــا تنهنجــي ٻــار کــي ڪا بيمــاري آهــي؟“‬ ‫هــن آهســتي فلپينــي لهجــي ۾ جــواب ڏنــو‪:‬‬ ‫”منهنجــي پــٽ کــي ’دم‘ آهــي‪“.‬‬ ‫پــر دم ســبب ڪامــڻ ٿــي نٿــو‬ ‫ ‬ ‫ســگهي‪ .‬ٻــار جــا چــپ پيــا هيــا ۽‬ ‫ڪنهــن بــه هنــڌ مٿــن گالبــي ِچــٽ‬ ‫نظــر نــه ٿــي آئــي‪ .‬ســندس آڱريــن‬ ‫جــا ننهــن پــڻ ايتــرا پيــا هيــا جو‬ ‫اهــي چــاڪ جهــڙا ڏســڻ ۾ ٿــي‬ ‫آيــا‪ .‬جڏهــن تــه‪ ،‬ســندس چمــڙي‪،‬‬ ‫پــيُء جــي چمــڙيَء رنگــي‪،‬‬ ‫هلڪــي پيلــي ڪڪــي هجــڻ‬ ‫گهرجــي هــا‪ .‬ســندس چمــڙيَء‬ ‫جــا ســڀ ڳاڙهــا ۽ گالبــي ِچــٽ‬ ‫َچـ ُ‬ ‫ـٽ هيــا‪ .‬ٻــارڙو شــايد تــه‪ ،‬رت جــي‬ ‫ســنگين پوڻائــيَء‪ /‬رتوڻائــيَء جــو شــڪار‬ ‫هــو‪ ،‬جنهــن جــو اهــو مقصــد ٿيــو تــه‪ ،‬ســندس‬

‫رت ۾ انهــن ســيلن جــي کــوٽ آهــي جــن جــو ڪــم آڪســيجن‬ ‫کڻــڻ آهــي‪ .‬جڏهــن تــه رت جــي پوڻائــيَء ســبب دم ٿــي نٿــو‬ ‫ســگهي‪.‬‬ ‫ٻــارڙو ڪجهــه تڪــڙا ســاهه کڻــي ۽ رکي رکي ســيٽيَء‬ ‫ ‬ ‫جهــڙو آواز ڪــڍي رهيــو هــو‪ ،‬جيڪــو مــان ٻــڌي رهيــو هيــس‪.‬‬ ‫جڏهــن تــه ســندس ســاهه کڻــڻ ۾ ڪا بــه روڪ محســوس نٿــي‬ ‫رهــي هئــي‪ .‬ٻــارڙي مــون ڏانهــن ڏٺــو‪ ،‬۽ ڏ ِســي‪ ،‬ڍيـ ِري ٿــي‪ ،‬پيَء‬ ‫جــي هنــج ۾ ســمهي پيــو‪ُ .‬هــو مشــڪل ســان ئــي ڪــو چــري‬ ‫پــري ٿــي ســگهيو‪.‬‬ ‫جڏهن ڪمپيوٽر تي‪ ،‬ســندس ميڊيڪل هســٽريَء تي‬ ‫ ‬ ‫نظــر وڌم تــه ان ۾ ٿيــل هــڪ تــازي واڌاري لــوڏي ڇڏيــم‪.‬‬ ‫چــار مهينــا اڳ کيــس اســپتال ۾ ان ســبب داخــل ڪيــو ويــو‬ ‫هــو جــو ”دم ســبب ســندس ســاهه منجهــڻ لڳــو هــو“‪ ،‬جيــڪا‬ ‫هــڪ ســنگين ۽ ورلــي موتمــار گهــڙي ثابــت ٿئــي ٿــي‪ ،‬پــر‬ ‫خوشقســمتيَء ســان ٻــارڙو ان تڪليــف مــان جلــد نؤبنــو ٿــي‬ ‫ويــو هــو‪.‬‬ ‫مــون ســندس ڦڦــڙن جــي هــڪ ڀيــرو وري تپــاس ڪئــي‪.‬‬ ‫جيتوڻيــڪ اهــي ايتــرا گهڻــا روڳــي محســوس نــه ٿــي رهيــا‬ ‫هيــا‪ ،‬پــر تنهــن هونــدي بــه نــرس کــي ســڏيم‪” :‬اچ تــه هــن جــي‬ ‫آڪســيجن تپاســيون‪ .‬ٿــي ســگهي ٿــو تــه کيــس آڪســيجن‬ ‫ڏيڻــي پــوي ۽ ان ســان گــڏ البيوٽيــرال (‪ )albuterol‬ســاهه کڻــڻ‬ ‫جــو عــاج بــه ڪيونــس‪“.‬‬ ‫مــون ڪا بــه اهــڙي ڳالهــه ڪــرڻ نــه پئــي چاهــي جيــڪا‬ ‫ ‬ ‫خطرنــاڪ ٿــي پئــي ســگهي‪ .‬ســندس دم جــي تڪليــف هلڪــي‬ ‫محســوس ٿــي رهــي هئــي‪ ،‬تڏهــن بــه مــان ان جــو‬ ‫ڀرپــور عــاج ڪــرڻ ٿــي چاهيــو‪ ،‬ان اميــد‬ ‫ســان تــه ڪنهــن ڏکوئينــدڙ ٿِيڻــيَء کان‬ ‫بچــي ســگهون‪ .‬پــر مــان ان عجــب‬ ‫۾ هيــس تــه هــي ايتــرو پيلــو ڇــو‬ ‫آهــي؟ کيــس جيڪــو عــاج ڏنــو‬ ‫ٿــي ويــو اهــو رڳــو دم جــو هــو‪.‬‬ ‫ ســندس پــيَء ڳالهــه وڌائيندي‬ ‫چيــو تــه‪ ،‬ٻــارڙو گذريــل ٻــن ٽــن‬ ‫مهينــن الڪــر پيلــو ۽ موڳــو‬ ‫رهنــدو آيــو آهــي‪ .‬هــو کائــي بــه نه‬ ‫ٿــو ــــ رڳــو کيــر پــي رهيــو آهــي‪.‬‬ ‫ســندس بانبــڙا پائــڻ يــا گهمــڻ ڦــرڻ‬ ‫تــي دل ئــي نــه ٿــي چــوي‪.‬‬ ‫ڇــا کيــس ڪــو اهــڙو روڳ ٿيــو آهــي‬ ‫جنهــن ســبب هــو رت جــي پوڻائــيَء جــو‬

‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫‪9‬‬


‫شــڪار آهــي ۽ ان ســبب ســندس دمــاغ متاثــر ٿيــو آهــي؟‬ ‫ليوڪيميــا ‪ = )Leukemia‬رت جــي ڪينســر) ســبب ائيــن ٿــي‬ ‫ســگهي ٿــو تــه ان جــا ٻيــا بــه ڪارڻ ٿــي ســگهن ٿــا‪ .‬ٻــارڙي جــي‬ ‫ليوڪيميــا يــا ڪنهــن ٻئي قســم جي بيماريَء هجــڻ جهڙوڪ‪:‬‬ ‫وڌيــل تري‪/‬هيانچــي‪ ،‬ســجيل لمــف نــوڊن يــا چمــڙيَء ۾ ٿينــدڙ‬ ‫رت هيــر‪ .‬اهــا ڳالهــه بــه ڏٺــم تــه‪ ،‬رت جــي پوڻائي ايتري ســنگين‬ ‫نــه هئــي جــو ان ســبب ٻــار جــي آڪســيجن جــون ضرورتــون‬ ‫پوريــون ٿــي نــه ٿيــون ســگهن‪ .‬جيتوڻيــڪ ســندس دل ۽ ڦڦــڙ‬ ‫ســخت ڪــم ڪــري رهيــا هيــا‪ ،‬تنهــن هونــدي بــه ٻــارڙو ڪنهــن‬ ‫خطــري ۾ نظــر نــه ٿــي محســوس ٿيــو‪.‬‬ ‫جڏهــن ڏٺــم تــه هــو صحيــح آهــي تڏهــن کيــس‬ ‫ ‬ ‫هيموگلوبــن ‪ = )hemoglobin‬رت جــو آڪســيجن نينــدڙ جــزو)‬ ‫جــي مقــدار تپاســرائڻ الِء موڪليــم‪ .‬ان تپــاس مــان خبــر پئجــي‬ ‫ســگهندي تــه منجهــس رتوڻائــي ڪيتــري شــديد آهــي‪ .‬عــام‬ ‫طــور تــي‪ 14 ،‬مهينــن جــي ٻــار جــي هيموگلوبــن ‪ 10‬کان ‪13‬‬ ‫هجــي ٿــي‪ .‬ڪجهــه وقــت کانپــوِء لئباريٽــري جــي ڪالرڪ‬ ‫ســڏيندي ٻڌايــو تــه‪ ،‬هيموگلوبــن جــي صورتحــال ســنگين يعني‬ ‫‪ 2.2‬آهــي‪ .‬هيموگلوبــن جــي جوڙجڪ‪/‬بنــاوت ڪهڙي آهي تنهن‬ ‫جــو نقــش‪ ،‬شيشــي جــي ‪ 80‬ملــي ميٽــر هــم چورس ســائيڊ تي‬ ‫چٽيــو وينــدو آهــي‪.‬‬ ‫مــان پنهنجــي زندگــيَء ۾ هيموگلوبــن جــو گهــٽ‬ ‫ ‬ ‫۾ گهــٽ مقــدار ‪ 3.6‬اهــو بــه ٽــن ســالن جــي هــڪ اهــڙيَء‬ ‫ڇوڪــريَء ۾ ڏٺــو هــو‪ ،‬جنهــن کــي نمونيــا هئــي‪ ،‬جنهــن جــو‬ ‫منهنجــي موجودگــيَء ۾ ســاهه کڻــڻ بنــد ٿــي ويــو هــو‪ .‬ڦڦــڙن‬ ‫جــي انفيڪشــن (روڳ‪/‬پڪريــز) ســندس جســم جــي ان‬ ‫صالحيــت کــي مــات ڏئــي ڇــڏي هئــي‪ ،‬جنهــن ســبب رت جــي‬ ‫پوڻائــيَء ڪــري آڪســيجن جــي رســد متاثــر ٿــي رهــي هئــي‪.‬‬ ‫خوشقســمتيَء ســان اســان ســندس عالج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا‬ ‫هياســين ۽ هــوَء بچــي ويئــي هئــي‪.‬‬ ‫ٻــارڙي جــي پــيَء کــي ســمجهايم تــه ســندس پــٽ‬ ‫ ‬ ‫کــي اســپتال ۾ داخــل ڪرائــڻ ضــروري آهــي‪ .‬کيــس اهــو بــه‬ ‫ســمجهايم تــه شــديد رت جــي پوڻائــيَء ســبب منجهــس ايتــرو‬ ‫َســت نــه رهيــو آهــي تــه هــو ڳالهائــي يــا گهمــي ســگهي‪.‬‬ ‫لئباريٽــري جــي تفصيلــي رپــورٽ ڏســڻ ســان دلجــاِء ٿــي تــه‬ ‫ٻــارڙي جــي رت جــا ســفيد گھــرڙا (ســيل) ۽ ريــزا (‪)platelets‬‬ ‫عــام رواجــي آهــن‪ .‬کيــس ليوڪيميــا ناهــي‪ .‬رپــورٽ ۾ اهــو‬ ‫بــه ڄاڻيــل هــو تــه‪ ،‬ســندس رت جــا ڳاڙهــا ســيل ننــڍڙا‪ ،‬بــي‬ ‫رنــگا ۽ ڪيتــرا بيــڊوال آهــن‪ .‬رت جــي ڳاڙهــن ســيلن ۾ ان‬ ‫قســم جــا مســئال موروثــي بيماريــن کانســواِء عــام طــور تــي‬ ‫کاڌي ۾ فــوالد (‪ )iron‬جــي کــوٽ ســبب پيــدا ٿيــن ٿــا‪ .‬ڳاڙهــا‬ ‫ســيل‪ ،‬هيموگلوبــن ســان ڏٽيــل ٿيــن ٿــا ۽ هيموگلوبــن جــي‬

‫کري کان ايلرجي‬

‫هــر ماليڪيــول کــي آڪســيجن جهٽــڻ الِء فــوالدي ائٽمــن جــي‬ ‫گهــرج ٿئــي ٿــي‪ .‬فــوالد جــي اڻهونــد ســبب ڳاڙها ســيل پنهنجو‬ ‫ڪــم ڪــري نــه ٿــا ســگهن‪.‬‬ ‫ُ‬ ‫آهســتي آهســتي ُســٽ ســلجهندو ويــو‪ .‬جڏهــن ســندس‬ ‫ ‬ ‫پــيَء ٻڌايــو تــه هــو ڪيتــرن مهينــن کانوٺــي رڳــو ڳائــو کيــر‬ ‫پيئنــدو رهيــو آهــي‪ .‬ڳائــي کيــر جــي پروٽيــن‪ ،‬آنــڊي جــي‬ ‫اســتر ۾ ســوزش ڪــري وجهــي ٿــي پــر هلڪــي درجــي جــي‪.‬‬ ‫جيتوڻيــڪ اهــڙي ســوزش نــه تــه ســور پيــدا ڪــري ۽ نــه‬ ‫ئــي الٽيــون ڪرائــي ٿــي‪ ،‬البــت هلڪــي‪ ،‬نالــي ماتــر رتهيــر‬ ‫(‪ )bleeding‬ضــرور ڪرائــي ٿــي‪ .‬جيڪڏهــن اهــڙي رتهيــر ڊگهــي‬ ‫عرصــي تائيــن ٿينــدڙ هجــي ۽ ٻــار ســاڳئي وقــت اهــڙا کاڌا نــه‬ ‫کائــي جنهــن ۾ فــوالد هجــي تــه الزمــاً رتوڻائــي ٿــي پــوي ٿــي‪.‬‬ ‫ان حوالــي ســان‪ ،‬ٽــن ســالن کان ننــڍيَء عمــر جــا ٻار خــاص طور‬ ‫تــي اهــڙيَء صورتحــال جــو شــڪار ٿيــن ٿــا‪ .‬ڇــاڪاڻ تــه‪ ،‬ســندن‬ ‫آنــڊي جــو بچــاُء ڏينــدڙ اســتر اڃــا تائيــن مڪمــل طــور تــي تيــار‬ ‫ٿــي نــه ســگهندو آهــي‪ .‬اهــو ئــي ســبب آهــي جــو ڊاڪٽـ َـر والديــن‬ ‫کــي صــاح ڏينــدا آهــن تــه جيســتائين ٻــارڙو هــڪ ســال جــي‬ ‫عمــر جــو نــه ٿــو ٿئــي تيســتائين کيــس ڳائــو کيــر نــه پيارجــي ۽‬ ‫هــڪ ســال جــي عمــر جــي ٻــار کي تپاســرائڻ جــو مشــورو ڏيندا‬ ‫آهــن تــه جيئــن اهــا پــڪ ڪــري ســگهجي تــه هو مختلف قســمن‬ ‫جــا کاڌا کائــي رهيــو آهــي ۽ نــه ڪــي رڳــو کيــر پــي رهيــو‬ ‫آهــي‪ .‬ڪــن ســببن ڪــري هــن ٻــارڙي جــا والديــن ان ڳالهــه کان‬ ‫ناواقــف رهيــا آهــن‪ .‬ان جــو شــايد تــه هــڪ ٻيــو ســبب هــيُء بــه‬ ‫هــو تــه‪ ،‬ســنگين دم ڪشــيَء ســبب والديــن ۽ ڊاڪٽــر رڳــو ان‬ ‫مــرض تائيــن محــدود رهيــا‪ .‬خوشقســمتيَء ســان جڏهــن کيــس‬ ‫رت ڏنــي وئــي تــه هــن‪ ،‬ان جــو ســٺو ۽ تڪــڙو اثــر ڏيکاريــو‪،‬‬ ‫جنهــن ســبب ُهــو ٻئــي ڏينهــن تــي وڌيــڪ چســت ۽ ڦــڙت هــو‪.‬‬ ‫جڏهــن ُهــو گهــر وڃــڻ وارو هــو تــه ســندس والديــن کــي کاڌن‬ ‫بابــت اهــا ڳالهــه ذهــن نشــين ڪرائــي وئــي ۽ چيــو ويــو ته کيس‬ ‫فــوالد جــو واڌو مقــدار ڏنــو وڃــي تــه جيئــن ٻــن ٽــن مهينــن اندر‬ ‫ســندس جســم ۾ فــوالد جــو ڀنــڊار گــڏ ٿــي ســگهي ۽ اڳتــي بــه‬ ‫هــو وٽامنــون ۽ فــوالد واپرائينــدو رهــي‪.‬‬ ‫جڏهــن‪ ،‬ڪيتــرا ئــي بانبــڙا پائينــدڙ ٻــار کيــر پيئــڻ‬ ‫ ‬ ‫پســند نــه ڪنــدا آهــن تــه ســندن والديــن پريشــان ٿــي پونــدا‬ ‫آهيــان تــه ٻــارڙن‬ ‫آهــن‪ .‬اهڙيــن حالتــن ۾ صــاح ڏينــدو‬ ‫ِ‬ ‫َ‬ ‫ڪيلشــم مهيــا ڪــرڻ الِء ســويا کيــر يــا‬ ‫کــي کيــر بجــاِء‬ ‫ڪيلشــم جــا واڌو مقــدار ڏئــي ســگهجن ٿــا‪ .‬کيــن اهــڙن‬ ‫ٻــارڙن بابــت‪ ،‬جيڪــي رت جــي پوڻائــيَء جــو رڳــو ان‬ ‫ســبب شــڪار ٿينــدا آهــن جــو ســواِء کيــر جــي ٻيــو ڪجهــه‬ ‫بــه نــه واپرائينــدا آهــن‪ ،‬چونــدو آهيــان تــه‪” :‬ڳائــو کيــر‬ ‫ضــروري غــذا آهــي بشــرطيڪ توهــان گابــا هجــو‪“.‬‬

‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫‪10‬‬


‫بنيادي طبي ڄاڻ‬

‫ڇا آهي؟‬

‫دل جــي ڌڙڪــڻ ســان صــاف ۽ آڪســيجن ڀريــل‬ ‫رت دل جــي کاٻــي ڪنوتــي مــان نڪــري شــاهه شــريان‬ ‫(‪ )Aorta‬۾ پمــپ ٿينــدو آهــي تــه‪ ،‬جيئــن ســڄي جســم‬ ‫۾ دور ڪري ســگهي‪ .‬شــاهه شــريان ۾ داٻ ســان رت‬ ‫اچــڻ جــي ڪــري ان جــو ڪجهــه حصــو ڦهلجــي وڃــي‬ ‫ٿــو‪ .‬دل جــي ڌڙڪــن جــي وچ ۾ وقفــو ٿينــدو آهــي‪،‬‬ ‫انهــيَء وقفــي دوران شــاهه شــريان جــي ڀــت ُسســي‬ ‫اصلــي حالــت ۾ اچــي وڃــي ٿــي‪ ،‬جنهــن جــي ڪــري‬ ‫دل ڏانهــن اينــدڙ رت انهــيَء شــريان ۾ اڳتــي ڌڪجــي‬ ‫وڃــي ٿــو‪ .‬شــريانن جــي لچــڪ واري خاصيــت جــي‬ ‫ڪــري‪ ،‬واري واري ســان ســوس ۽ ڦهــاَء جــي هــڪ‬ ‫لهــر پيــدا ٿئــي ٿــي‪ ،‬جيــڪا جســم جــي شــريانن جــي‬ ‫ســڄي نظــام ۾ ڊوڙي ٿــي‪ .‬انهــيَء لهــر کــي ڪنهــن به‬ ‫شــريان تــي محســوس ڪــري ســگجي ٿــو‪ ،‬پــر شــرط‬ ‫اهــو آهــي تــه‪ ،‬شــريان کل جــي ويجهــو ۽ ڪنهــن هــڏي‬ ‫تــي هجــي‪ ،‬جيئــن ويڻــيَء ۽ لونــدڙي وغيــره‪ ،‬انهــيَء‬ ‫لهــر جــي هــر هــر اچــڻ ۽ محســوس ڪــرڻ جــو نالــو‬ ‫نبــض آهــي‪.‬‬ ‫جيئــن تــه‪ ،‬نبــض جــو درومــدار دل جــي سســڻ ۽‬ ‫ڦنــڊڻ تــي هونــدو آهــي‪ ،‬تنهــن ڪــري اســان کــي دل‬ ‫جــي ڌڙڪــڻ جــي رفتــار سرشــتي ۾ رت جــي داٻ‬

‫(‪ )Blood Pressure‬بابــت بــه معلومــات ملــي ٿــي‪.‬‬ ‫عــام طــرح نبــض ويڻــيَء تــي ڏٺــي وينــدي آهــي‪،‬‬ ‫ويڻيَء تي شــريان گوشــت ۾ لڪل ناهي هوندي‪ ،‬پر‬ ‫کل جــي هيٺــان هونــدي آهــي‪ ،‬اتــي ان کــي ڦڙڪنــدي‬ ‫محســوس ڪــرڻ آســان هونــدو آهــي‪ ،‬توهــان پنهنجــي‬ ‫نبــض کــي ڏٺــو هونــدو يــا ڊاڪٽــر کــي ڏيــکارڻ وقــت‬ ‫ڏٺــو هونــدو تــه‪ ،‬گهڻــو ڪــري ڊاڪٽر ويڻــيَء تي نبض‬ ‫ڏســندوآهي‪ ،‬جڏهــن بــه ڊاڪٽــر نبــض ڏســندو آهــي تــه‪،‬‬ ‫ويڻــيَء ۾ نبــض ڳولــي ٽــن آڱريــن ســان ڏســندو آهــي‪.‬‬ ‫ويڻــيَء کانســواِء پيــر جــي پٺــي‪ ،‬لونــدڙي ۽ ڳچــيَء‬ ‫جــي ٻنهــي پاســن کان بــه نبــض ڏســي ۽ محســوس‬ ‫ڪــري ســگهجي ٿــي‪ .‬نبــض جــو دارومــدار جســم جي‬ ‫رت جــي ضــرورت تــي آهــي‪ .‬آرام واري حالــت ۾‬ ‫ان جــي رفتــار گهڻــو ڪــري ‪ 72‬کان ‪ 80‬ڌڙڪا فــي‬ ‫منــٽ هونــدي آهــي پــر ڊوڙڻ جــي صــورت ۾‪ ،‬ڏاڪــڻ‬ ‫تــي چڙهــڻ يــا ورزش ڪــرڻ ســان ان جــي رفتــار وڌي‬ ‫وڃــي ٿــي‪ .‬بيمــاريَء جــي حالــت ۾ بــه نبــض تيــز ٿــي‬ ‫وينــدي آهــي‪ .‬دل جــي بيماريــن ۾ نبــض يڪســان‬ ‫ناهــي رهنــدي پــر بــي ترتيــب ٿــي وينــدي آهــي‪.‬‬ ‫ٻــارن ۾ بــه نبــض جــي رفتــار وڏن جــي ڀيــٽ ۾‬ ‫وڌيــڪ ٿينــدي آهــي‪.‬‬

‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫‪11‬‬


‫صحت ۽ ماحول (‪)Health & Environment‬‬

‫روڊن ڀرســان دُکنــدڙ ڪچــري جــي دونهــن ۾ ڪئنســري مــادا ٿيــن ٿــا‪ .‬هــڪ تحقيــق‬

‫زهريال روڊ ۽ رستا‬

‫صحت تي اثر‪.‬‬

‫دونهــن ۾ موجــود‬ ‫ڪل ‪ 19‬ڪيميائــي‬ ‫مــادن جــي ســڃاڻپ‬ ‫ٿــي چڪــي آهــي‪.‬‬

‫چڪــر‪ ،‬دل ڪچــي ٿيــڻ‪ ،‬اُلٽــي‪ ،‬بڪيــن‬ ‫جــون خرابيــون‪ ،‬جنمــي خرابيــون‪،‬‬ ‫اکيــن‪ ،‬نــڪ‪ ،‬ڳلــي ۽ چمــڙيَء جي پوســر‬ ‫اکيون‬ ‫جريو‬

‫‪1‬ـ‪ 3‬بيوٽاڊائني‬

‫متاثر ٿيندڙ عضوا‬ ‫چمڙي‬ ‫ساهي رسشتو‬ ‫رت‬ ‫بڪيون‬

‫اعجــاز اســد پليجــو‬

‫بـئنـزين‬

‫ڪلوروميٿني‬

‫ايڪرولينئ‬ ‫ڊي ـ ليمونيني‬

‫جنمي رسشتو‬ ‫هوا ۾ مقدار‪ :‬مائيڪروگرام يف معڪب ميٽر (‪. )ug/m3‬‬ ‫مرڪزي تنتي رسشتو هوا ۾ ۾ اجازت يا برداشت جوڳو مقدار‬

‫ ‬

‫ڪاربان ڊا ِء سلفائڊ‬ ‫ڪاربونائل سلفائڊ‬ ‫پروپني‬ ‫ڪلوروميٿني‬ ‫‪1‬ـ‪ 3‬بيوٽاڊائني‬ ‫ايٿانول‬ ‫ايسيٽونائٽرائل‬ ‫ايڪرولينئ‬ ‫ايسيٽون‬ ‫اين ـ هيڪسان‬ ‫ٽيٽراهائڊروفريان‬ ‫بئنزين‬ ‫اين ـ هيپٽان‬ ‫ٽاليوئن‬ ‫اين ـ آڪٽان‬ ‫ايٿائل بئنزين‬ ‫اسٽائرن‬ ‫اين ـ نونان‬ ‫ڊي ـ ليمونيني‬

‫ـين‬ ‫ـرن ۾ سهسـ‬ ‫ـي ڍيـ‬ ‫ـري جـ‬ ‫ـان ڪچـ‬ ‫ـز) ڀرسـ‬ ‫ـاِء ويـ‬ ‫ـا وڏن روڊن (هـ‬ ‫ـن يـ‬ ‫ـن آباديـ‬ ‫ـهرن ۾ ڪچيـ‬ ‫شـ‬

‫قســمن جــون بيــڪار شــيون ٿيــن ٿيــون جنهنکــي ســاڙي ختــم ڪــرڻ الِء بــاھ ڏنــي وڃــي ٿــي‬ ‫ـون‬ ‫ـڙو دونهـ‬ ‫ـي‪ .‬اهـ‬ ‫ـري ٿـ‬ ‫ـدا ڪـ‬ ‫ـون پيـ‬ ‫ـدي ۽ دونهـ‬ ‫ـدي‪ ،‬دُکنـ‬ ‫ـن ٻرنـ‬ ‫ـن تائيـ‬ ‫ـرن ڏينهـ‬ ‫ـڪا ڪيتـ‬ ‫جيـ‬ ‫هــوا جــي رخــن تــي انســاني آباديــن تائيــن پهچــي وڃــي ٿــو‪.‬‬ ‫ ‬

‫اهــڙي دونهــن ۾‪ ،‬وڏي مقــدار ۾ ‪ 19‬خطرنــاڪ قســمن جــا زهريــا مــادا ڏٺــا ويــا آهــن‪،‬‬ ‫ـن‪ ،‬بئنزين‬ ‫ـڙوڪ‪1 :‬ـ‪ 3‬بيوٽاڊائيـ‬ ‫ـن جھـ‬ ‫ـدڙ) آهـ‬ ‫ـدا ڪنـ‬ ‫ـر پيـ‬ ‫ـري (ڪئنسـ‬ ‫ـرا ڪئنسـ‬ ‫ـان ڪيتـ‬ ‫ـن مـ‬ ‫جـ‬

‫ـوا‬ ‫ـاف هـ‬ ‫ـازي ۽ صـ‬ ‫ـان تـ‬ ‫ـه‪ ،‬ان سـ‬ ‫ـو تـ‬ ‫ـن‪ .‬ڇـ‬ ‫ـم هالئيـ‬ ‫ـاف مهـ‬ ‫ـي خـ‬ ‫ـاڙڻ واري طريقـ‬ ‫ـرڻ الِء سـ‬ ‫ـاس ڪـ‬ ‫نـ‬ ‫ـاه‬ ‫ـوا ۾ سـ‬ ‫ـاف هـ‬ ‫ـازيَء ۽ صـ‬ ‫ـي تـ‬ ‫ـرد کـ‬ ‫ـر فـ‬ ‫ـه هـ‬ ‫ـن تـ‬ ‫ـي جڏهـ‬ ‫ـي رهـ‬ ‫ـه ٿـ‬ ‫ـق نـ‬ ‫ـڻ الئـ‬ ‫ـاه کڻـ‬ ‫ـي سـ‬ ‫ـي ٿـ‬ ‫زهريلـ‬ ‫کڻــڻ ان جــو بنيــادي حــق آهــي‪.‬‬ ‫پندرهنوارتندرستيمئگزين ‪1‬جنوري ‪ 15 -‬جنوري ‪2015‬‬

‫‪12‬‬

‫‪Mahtab Aijaz Palijo‬‬

‫۽ ڪلوروميٿيــن وغيــره‪ .‬ماحــول دوســت تنظيمــن ۽ فــردن کــي گھرجــي تــه ڪچــري کــي‬


Turn static files into dynamic content formats.

Create a flipbook
Tandrusti mag 2015 jan by Aijaz Palijo - Issuu