- فئربوري14 “TANDRUSTI” A Fortnightly E-magazine in Sindhi language for promotion of Science 2015 فئربوري28 & disseminating information on Health, Environment, Climate change & Biodiversity
12
تــنـدرسـتـي
سنڌ ۾ کاڌي جي کوٽ ۽ موسمي تبدييل جنس ۽ اخالق آفريڪا جون بيامريون شعاعن رستي گردي جي پٿري َء جو عالج
تــــنــدرســتـــي
14فئبروري 28 -فئبروري ، 2015شمارو 12 :جلد002 :
؟؟ مئنيجنگ ايڊيٽر ايڊيٽر:
مرتضي ڊاڪٽر علي ٰ ڌاريجو
“تندرستي” مئگزين الِء مواد اي ميل رستي يا هن پتي تي موڪلي سگھو ٿا.
Dr. Ali Murtaza Dharejo )Sindh University Employees Cooperative Housing Society (SUECHS House No. A-148 Sindh University Campus Jamshoro, 76080
مئگزين ڊيزائنر:
ماهتاب اعجاز پليجو
ايڊيٽوريل بورڊ: ڊاڪٽر مرلي ڌر
ڊاڪٽر وجي ڪمار
هن شماري ۾ دل :ھڪ اڻ ٿڪ ۽ ڌڙڪندڙ معجزو
ڊاڪٽر فرحان پليجو
ڊاڪٽر واسديو لوهاڻا
جنس ۽ اخالق
عبدالخالق ميڻو
شعاعن رستي گردي جي پٿريَء جو عالج
ڊاڪٽر ڪيشوداس
VOL: 02 ISSUE No. 12, FEBUARY 14- 28, 2015
پندرهنــوار “تندرســتي” مئگزيــن “ســنڌ ســائنس اڪئڊمــي” (رجســٽرڊ) پــاران فيســبڪ تــان آن الئــن شــايع ڪيــو وڃــي ٿــو .هــن جــو مقصــد ســنڌي ٻــويل َء ۾ ســائنيس صحافــت ۽ ســائنيس ادب کــي عــام ڪــرڻ ۽ عــوام کــي بنيــادي صحــت جــي ڄــاڻ ڏيــڻ آهــي.
سرپرست:
اعجاز اسد پليجو
ي اســپتالن کان بـــ تندرســت معــارشي ال ِء جديــد دوائــن ۽ اعــ ٰ وڌيــڪ رضوري صحــت بابــت بنيــادي ڄــاڻ جــو هجــڻ آهــي.
آفريڪا جون بيماريون
پندرهنوار
تــــنــد ر ســتـــي
مئگزين
جو سنڌي ٻويل َء ۾ سائنيس ادب جي واڌاري واري منزل ڏانهن سفر جاري آهي....
عالج الِء رڳن ۾ ڊوڙندڙ پتڪڙا روبوٽس
Email.
tandrustimag@gmail.com
“تندرســتي” مئگزيــن پڙهــڻ الِء الئيــڪ ڪريــو.. يــا issuu.comتــي ســرچ ڪريــو
Sex & Society
جنسيات
جنــس ۽ اخــاق
پـــو پــٽــــي هيراننداڻــي
زندگــي جــو نرمــاڻ (شــروعات) ،جنــس جــي بــک مــان ئــي ٿئــي ٿــو ان ڪــري ان وشــيه کــي نظرانــداز ڪــري ئــي نــه ٿــو ســگهجي. جنــس جــي بک انســاني زندگي ســان اهــڙي ڳنڍيل آهي ،جــو انکي ائين شــخصي ســڏي ،ان جــي مســئلن کي ســلجهائڻ بنــا ڇڏي ڏيــڻ خطــري کان خالــي ڪونهي. Like the soul be assured that somewhere in the universe it should rejoin its friends and it would be content and cheerful alone for a thousand )years. (Emerson اســتري (عــورت) ۽ پــرش (مــرد) جــو ســنجوڳ (جســماني ميــاپ) ،هــڪ اهڙي ِوشــيه (موضــوع) آهــي جنهنجــو صــرف نالــو ٻــڌي ســڀيه (ســڌريل) ســڏائيندڙ ســماج دهلجــي وڃــي ٿــي ،هنــن جــو خيــال آهــي تــه اهــا ڳالهــه اهــڙي مخفــي آهــي ۽ ايتــري قــدر شــخصي آهــي جــو انجــو ذڪــر ڪــرڻ گناهــه آهــي. پــر جنــس جــي بــک انســاني زندگــي ســان اهــڙي ڳنڍيــل آهــي ،جــو انکــي ائيــن شــخصي ســڏي ،ان جــي مســئلن کــي ســلجهائڻ بنــا ڇــڏي ڏيــڻ خطــري کان خالــي ڪونهــي. هندســتان کان ٻاهــر ڪيتــرن ملڪــن ۾ ماهــر ڊاڪٽــر ۽ ُســڄاڻ شــخص ان وشــيه تــي مفيــد صــاح ڏيــڻ خاطــر گهڻــو ڪجهــه ڪنــدا ۽ لکنــدا آهــن. هنــدو فيلســوفيَء موجــب سنســار ۾ جيڪــي بــه پراڻــي (ســاهوارا/جاندار) ڄمــن ٿــا انهــن جــي جنــم وقــت ســاڻن چــار ڳالهيــون ڄمــن ٿيــون جــي آهــن :نــدرا (ننــڊ) ،ڀيــه (خــوف)، ـي ننــڊ ،ڊپ، مئٿــن (ميــاپ) ۽ آهــار (کاڌو) يعنـ ٰ سنجوڳه ۽ کاڌو . زندگــي جــو نرمــاڻ (شــروعات) ،جنــس جــي بــک مــان ئــي ٿئــي ٿــو ان ڪــري ان وشــيه کــي نظرانــداز ڪــري ئــي نــه ٿــو ســگهجي. هتــي اســين ســنجوڳه جــي مســئلن يــا نمونــن
بابــت نــه بلــڪ جنــس ۽ ان جــو اخــاق ســان ســنٻنڌ (تعلــق) بابــت ئــي ڪجهــه ويچاريــون ٿــا. منــدر ۽ وڀچــار (عياشــي) ،صديــن کان ٻئــي هــڪ ٻئــي ســان ســنٻنڌ رکنــدا اينــدا آهــن، اڄ بــه هندســتان ۾ ڪــن منــدرن ۾ مٿــي ننــڍڙا ڪمــرا ٺهيــل ٿينــدا آهــن جتــي شــرڌالو ســينيا اچــي ٽڪنــدا آهــن .رات جــي وقــت مهنــت (پوڄــاريَء) هٿــان موڪليــل ڪــي نينگريــون وٽــن کيــر ڪٽــورو کڻــي اينديــون آهــن جنهــن جــو مطلــب ئــي اهــو آهــي تــه اهي پنهنجو شــرير (جســم) ڏيــڻ آيــون آهــن .ٿــورو ئــي ڪجهــه اڳ ۾ ڏکــڻ هندســتان ۾ ديوداســين جــو رواج هــو .جــي نالــي ۾ تــه ديوتــا کــي ارپــن ٿيــل هيــون پــر حقيقــت ۾ منــدر جــي پوڄاريــن جــي وشــيه ڀوڳــه (جســماني عياشــي) جــي ســامگري (ســامان) بڻجــي ڪتــب اينديــون هيــون. اهــا ڳالهــه صــرف هندســتان ســان الڳــو ڪينهــي .گريــس (يونــان) جــو آدي ڪــوي (قديــم شــاعر) هومــر ،ڪئســنڊرا نالــي هــڪ ســندري جــو ورنــن (بيــان) ڪــري ٿــو جــا منــدر جــي پوڄاريــن جــي واســنا (جنســي بــک) جــو
پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
3
شــڪار بڻجنــدي آئــي .ايجپــٽ (مصــر) ۾ منــدر ۾ رهنــدا سنياســڻيون منــدرن جــي مهنتــن الِء ئــي هيــون .بئبيــان ۾ ملٽــا جــي منــدر ۾ کلئي نمونــي وئشــاپڻي جــو ڌنــڌو هلنــدو هــو .ســال ۾ هــڪ دفعــو شــهر جــي هــر هــڪ زال کــي اتــي وڃڻــو پونــدو هــو ۽ کيــن پنهنجــو شــرير ڪنهن ڌارئــي شــخص کــي ڏيڻــو پوندو هو .ان شــخص وٽــان مليــل پئســا منــدر جــي خزانــي ۾ ڀيٽــا (نذرانــو) چڙهنــدا هئــا ،ســائپرس ۾ بــه اهڙوئــي رواج هــو ،روم ۾ گنڀيــر ۽ ســياڻا فيلســوف واپــاري ۽ شــرابي ســپاهي ،اميــر گهراڻــي جــي اســترين (عورتــن) کــي پنهنجــي ڪام واســنا ترپــت (نفســاني خواهــش پــوري) ڪــرڻ الِء ڪتــب آڻينــدا هئــا ،اٽلــي تــه ســڀني کان گــوِء کڻــي ويئــي هئــي ،ديــول ۾ رهنــدڙ پــوپ ۽ پــادري ،دماغــي ماڻهــو ،اميــر ۽ ڪالڪار ســڀ حــدون ٽپــي ڀوڳــه والس (عياشــي) ڪنــدا هئــا! وڃــي اونهــون ســوچي ڏســجي تــه ڀــارت جــي ڏندڪٿائــن واري اپســرا ڪيــر آهــي؟ هــوَء اهــا اســتري آهــي جــا ديوتائــن جــي ونــدر جــو ســامان آهــي. جتــي ٻيــن ملڪــن فقــط اســتريَء جــي ننگــي جســم کــي چٽــڻ ۽ اڪــرڻ جــي ُ جريــت رکــي آهــي ،اتــي هندســتان ۾ کلئــي نمونــي ســنجوڳه ڪاريــه (ميــاپ ڪنــدي) ڏيکارينــدڙ مورتــون ِچٽيــون ويئــون آهــن! جتــي ٻيــا ملــڪ ســنجوڳه ڪاريــه جــي ورنــن ڪــرڻ کان ڇرڪيــا آهــن اتــي هندســتان ڪام شاســتر ۽ ڪــوڪ شاســتر لکــي نرڀئتــا (بــي ڊپائــي) ڏيــکاري آهــي! هندســتان جــي ڏکــڻ ۾ ايلــورا ،مڌيــه پرديــش ۾ کاجوراهــه ،راجســٿان ۾ رانڪپــور، ڀوڀنيشــور ۽ پرشــرام پــور ،مڪتيشــور،
14فئربوري-28-فئربوري 2015
لنگــراج ،جگننــاٿ ،ڪرنــاڪ وغيــره منــدرن جــي ٻاهريــن ڀتيــن تــي کلئــي نمونــي ســنڀوڳه ڏيکاريــل آهــي .ٻاهريــان ماڻهــو ڏاڍيَء دلچســپيَء ســان اهــي چتــر ڏســندا آهــن پــر هندســتاني حيــرت ،ڊپ ۽ شــرم وچــان هٽڪــي هٽڪــي انهــن مورتــن ڏانهــن نهارينــدا آهــن. اهــي چتــر ڇــو ِچٽيــا ويــا آهــن؟ ڀــارت جــي اوڀــر ۾ گوتــم ٻــڌ جــو جنــم ٿيــو .هــن مهــان پــرش جيڪــي ڪجهــه ڪيــو يــا چيــو تنهــن کــي پــوِء جــي ماڻهــن ايتــرو مروٽيــو ســروٽيو آهــي جــو ان مــان پــس پيــش اســانکي هاڃــو ئــي رســيو آهــي. گوتــم ٻــڌ گرهســت آشــرم (هنــدو ڌرم مطابــق انســاني زندگــيَء کــي چئــن ڪمــن ۾ ورهايــو ويــو آهــي :برهــم چريــه ،گرهســت ،وان پرســت ۽ ســنياس .گرهســت آشــرم موجــب انســان کــي گھــر ٻــار جــي فــرض ادائــي ڪرڻــي هونــدي آهــي يعنــي گھــر وســائڻ ،شــادي ڪــرڻ، ٻــار پيــدا ڪــرڻ) جــي ســاراهه نــه ڪئــي .هــن تياڳــه ۽ ويراڳــه تــي زور ڏنــو .پــر ويراڳــه ڪا ســولي ڳالهــه آهــي؟ گوتــم ٻــڌ پنهنجــي جيئــري مڙهيــن ۾ اســتري ذات کــي ٽڪــڻ جــي مــوڪل نــه ڏنــي ،پــر ســندس شــش (شــاگرد) آننــد، جنهنکــي گوتــم ٻــڌ گهڻــو گهرنــدو هــو ،انتــم (آخــري) ســفر ڏانهــن وڃــڻ وقــت کائنــس اهــا مــوڪل ورتــي تــه جنهــن صــورت ۾ اوهانجــي ســکيا موجــب اســتري پــرش ســمان (برابــر) آهــي ،تنهــن صــورت ۾ اســترين کــي مڙهيــن وســائڻ جــي مــوڪل ڏيــڻ کپــي .گوتــم الچــار ٿــي مــوڪل ڏنــي .ان بعــد ڌيــري ڌيــري مڙهيــن ۾ وڀچــار (بــد اخالقــي) ڦهلجــڻ لڳــو. هوڏانهــن گرهســت آشــرم ۾ رهــي ڪــري بــه تياڳــه ڀاونــا ڌارينــدڙن ۾ هــڪ قســم
جــو الٽــو اثــر ( )reactionاچــڻ لڳــو. هــڪ نئــون متــو (فرقــو) ،جــو پاڻکــي ِســڌ ســڏائڻ لــڳا شــروع ٿيــوِ .ســڌن جــو متــو هــو تــه جيتــرو ماڻــي ســگهو ،ماڻيــو ،ٻيــو به هڪ متــو ،شــاڪت مــت (شــڪتيَء جــا پوڄــاري) ڌيــري ڌيــري قائــم ٿيــڻ لڳــو .ان متــي جــا پوئلڳــه اســتريَء کــي شــڪتي (طاقــت) مڃــي پوڄينــدا هئــا. هاڻــي اهــي ٽئــي ڳالهيــون گڏوگــڏ هلــڻ لڳيــون .ٻــڌ ڌرم جــو پرچــار زور شــور ســان هلــڻ لڳــو .ماڻهــو لکــن جــي تعــداد ۾ ٻــوڌي بڻيــا .پــر ايتــرا ســڀ ماڻهــو ،ڇــا پنهنجين اندريــن (حواســن) تــي ظابطــو رکــي ســگهندا هونــدا؟ ِســڌ ڇاتــي ٺوڪــي اســتري ماڻــڻ جــو پرچــار ڪنــدا هئــا ،هــو تانتــرڪ وديــا ســکي عــام ماڻهــن کــي ڊيڄاينــدا هئــا ،هــن جــو زور ايتــرو وڌيــل هــو ،جــو ڪنهــن بــه اميــر عمــراَء کان ســندس ڌيَء ڀيــڻ جــي گهــر ڪنــدا هئــا تــه هــو انــڪار ڪــري نــه ســگهندو هــو! شــاڪت مــت جــي پيــروي ڪنــدڙ پوڄــا جنهــن کــي شــيوا ســڏيندا هئــا ،استري_ســيوا (عــورت جــي خدمــت) ۾ (ســيوا جــو ارٿ گهڻيــون ئــي معنائــون رکــي ٿــو) لــڳا رهيــا!
انهــن ٽــن کانســواِء باقــي ماڻهــو ســوچ ۾ لــڳا رهيــا ۽ هنــن جــي ســوچ هــڪ منــو وگيانــڪ (نفســياتي) ســچ کــي جنــم ڏنــو، جــو آهــي ” :انســان ماڻــي ماڻــي نيــٺ ٿڪجنــدو نيــٺ کيــس ان ڪاريــه (ڪــم) کان بڇــان اينــدي“. ان ڪــري ســموري هندســتان ۾ پــرش ڀوڳــه (عياشــيَء) پٺيــان ديوانــو بڻجــي ڦرنــدو رهيــو .ان ئــي وقــت ۾ مندرن جون عاليشــان عمارتــون ٺهيــون .انهــن جي شــروعات اوڙيســا کان ٿــي ۽ پــوِء ڌيــري ڌيــري اولهــه طــرف اهــڙي قســم جــا منــدر ُجــڙڻ لــڳا ،جــن ۾ ٻــوڌي ڌرم جــي ڇــاپ صــاف نظــر اچــي ٿــي ،هنــدو ڌرم جــي مورتــي انــدر وهــاري وڃــي ٿــي ۽ ٻاهريــن ڀتيــن تــي ماڻهــن جــي مــن جــو عڪــس يعنــي ڪام واســنا وارا چتــر ڏيکاريــا وڃــن ٿــا .ان ۾ شــڪ نــه آهــي نــه انهــن چتــرن مــان ڪــي منــش جــي ڪومــل ۽ ســجيو ڀاونــا (ســچي خواهــش) ســان اهــڙو تــه ســٺي نمونــي ســينگاريل آهــن جــو ڪالڪارن کــي ڌنيــواد ڏيــڻ (ســاراهڻ) کان ســواِء رهــي نٿــو ســگهجي پــر اهــا ڳالهــه بــه وســارڻ نــه گهرجــي تــه اهــي چتــر ان وقــت يــا زمانــي جــو رنــگ ڏيکاريــن ٿــا( .هلنــدڙ) مرتيض ڌاريجو چونڊ :ڊاڪٽر عيل ٰ
ڏکينلفظنجونمعنائون: هنــدي ۽ انگريــزي ڏکيــن لفظــن جــون معنائــون: (معنائونٻڌائڻالِءاسانسائينوليرامولڀجاٿورائتاآهيون). آدي ڪــوي (قديــم شــاعر) ،اســتري (عــورت)، استري-ســيوا (عــورت جــي خدمــت) ،انتــم (آخــري) ،اندريــن (حواســن) ،آهــار (کاڌو) ،ايجپــٽ (مصــر) ،ڀوڳــه (عياشــي) ،ڀوڳــه والس (عياشــي) ،ڀيٽــا (نذرانــو) ،ڀيــه (خــوف) ،پراڻــي (ســاهوارا/ جانــدار) ،پــرش (مــرد) ،ڌنيــواد ڏيــڻ (ســاراهڻ) ،ســامگري (ســامان) ،ســڀيه (ســڌريل) ،ســجيو ڀاونــا (ســچي خواهــش) ،ســمان (برابــر) ،ســنٻنڌ (تعلــق) ،ســنجوڳ (جســماني ميــاپ) ،ســنجوڳه ڪاريــه (ميــاپ ڪنــدي) ،شــاڪت مــت (شــڪتيَء جــا پوڄــاري) ،شــرير (جســم) ،شــش (شــاگرد)، شــڪتي (طاقــت) ،ڪاريــه (ڪــم) ،ڪام شاســتر ۽ ڪــوڪ شاســتر (جنســيات جــي موضــوع تــي لکيــل ڪتــاب) ،ڪام واســنا ترپــت (نفســاني خواهــش پــوري) ،گريــس (يونــان) ،متــو (فرقــو)، منــو وگيانــڪ (نفســياتي) ،مهنــت (پوڄــاريَء) ،مئٿــن (ميــاپ) ،نــدرا (ننــڊ) ،نرڀئتــا (بــي ڊپائــي)، نرمــاڻ (شــروعات) ،واســنا (جنســي بــک) ،وڀچــار (بــد اخالقــي) ،وڀچــار (عياشــي) ،ورنــن (بيان)، وشــيه ڀوڳــه (جســماني عياشــي)ِ ،وشــيه (موضــوع) ،گرهســت آشــرم (گھــرو زندگــي جنهــن موجــب مــرد ۽ عــورت گھــر وســائي اوالد پيــدا ڪــن ۽ انهــن جــي ســار ســنڀال ڪــن ٿــا).
پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
4
14فئربوري-28-فئربوري 2015
Human Anatomy & Physiology
اعجاز اسد پليجو
علم بدن
ـڪ ۽ ڌڙڪندڙ معجزو دل :ھڪ اڻ ٿـ حقيقــت ۾ دل اســان جــي ٽنگــن ۽ ٻانھــن جــي مــاس ڏورن يــا مشــڪن جيــان ھــڪ مشــڪ ( )Muscleآھــي ،پــر پــوِء بــه دل جــي مشــڪ ( )Cardiac muscleعــام مشــڪن کان انيــڪ ڳالھيــن ۾ مختلف ۽ نرالي ٿئي ٿي .دل جي مشــڪ ۾ پنھنجو پاڻ سســڻ ڦنڊڻ يا ڌڙڪڻ جي صالحيت رکنــدڙ ســيل ٿيــن ٿــا .ٽنگــن ۽ ٻانھــن جــي مــاس ڏورن جــي ڀيــٽ ۾ دل ڪڏھــن به نٿي ٿڪجي.
دل رت کي ڌڪيندڙ (پمپ ڪندڙ) عضوو آھي.
ٺ جي دل توھــان جــي ھــٿ جــي بنــد يــا ڀ ِيڙيــل ُم ِ مــاپ جيتــرو اھــڙو عضــوو آھــي جيڪــو ھــڪ منــٽ ۾ سراســري طــور ســتر ڀيــرا ڌڙڪنــدو آھــي ۽ ڏينھــن ۾ لــڳ ڀــڳ ڏھ ھــزار ليٽــر رت ســڄي جســم جــي مختلــف ڀاڱــن ۾ ڌڪينــدو (پمــپ ڪنــدو) آھــي.
دل ٻٽو ڪم ڪندڙ عضوو آھي
اســانجي دل خانــن تــي ٻــڌل ھــڪ اھــڙي ٻٽــي پمــپ ( )Double pumpجيــان ڪــم ڪــري ٿــي جيڪــو رت کــي ٻــن طرفــن ڏانھــن چڪــر کارائينــدي يــا گــردش ڪرائينــدي آھــي .دل جــو ســاڄو ڀاڱــو جســم کان نســن ( )Veinsمــان آيــل بنــا آڪســيجن ( )Deoxygenatedواري رت کــي گــڏ ڪــري ڦڦــڙن ڏانھــن ڌڪينــدو آھــي تــه جيئــن ڦڦــڙ منجھــس آڪســيجن ڀــري ســگھجن. اھــڙي طــرح دل جــو کاٻــو ڀاڱــو ڦڦــڙن کان ورتــل آڪســيجن مليــل ( )Oxygenatedرت کــي شــريانين ( )Arteriesذريعــي ســڄي جســم کــي گــردش ڪرائينــدو آھــي.
دڪ دڪ ( لب ڊب ...لب ڊب)... گامــا ڪئمــرا جــي مــدد ســان ورتــل دل جــي ڌڙڪــڻ جــي تصويــر جنهــن ۾ دل جــي هيٺــن خانــن جــو سســڻ ۽ ڦنــڊڻ ڏيکاريــل آهي.
دل جــي مشــڪ ۾ پنھنجــو پــاڻ سســڻ ڦنــڊڻ يــا ڌڙڪــڻ جــي صالحيــت رکنــدڙ ســيل ٿيــن ٿــا. ٽنگــن ۽ ٻانھــن جــي مــاس ڏورن جــي ڀيــٽ ۾ دل ڪڏھــن بــه نٿــي ٿڪجــي.
دل کي ڌڙڪائيندڙ قدرتي پيس ميڪر
توھــان پنھنجــي مرضــي يــا ارادي ســان دل کــي بيھــارڻ جــي ڪوشــش ڪنــدا تــه اھــا ڌڙڪــڻ بنــد نــه ڪنــدي ،ڇــاڪاڻ تــه دل وٽ تنتــي سرشــتي جــي ڪنٽــرول کان ســواِء پنھنجــو دل انــدران کان ھــڪ مشــڪي پــردي رســتي پــاڻ ڌڙڪــڻ جــو ھــڪ سرشــتو ٿئــي ٿــو .دل ٻــن ڀاڱــن ،ســاڄي ۽ کاٻــي ۾ ورھايــل آھــي .دل جــي اھــڙي خاصيــت جــو ســبب منجھــس اھــڙن جــا اھــي ٻئــي پاســا وري ٺھڪڻــا ( )Valvesلــڳل نرالــن ســيلن جــو ھئــڻ آھــي جيڪــي وقفــي وقفــي ســان باقاعــدي بجلــيَء جــي ڪرنــٽ ســان جھٽــڪا پيــدا ڪنــدا آھــن جيڪــي ســڄي دل ۾ پکڙجــي کيــس ُسســڻ ۽ ڦنــڊڻ (ڌڙڪــڻ) تــي مجبــور ڪنــدا آھــن.
دل جو بي ترتيب ڌڙڪڻ
جڏھــن دل پنھنجــي رواجــي ڌڙڪــڻ کان الچــار ٿــي وڃــي ٿــي تــه دل جــو گوشــت يــا مــاس (مشــڪ) ســخت ڇڪتــاڻ جــو شــڪار ٿــي پــوي ٿــو .دل جــي اھــڙي حالــت موتمــار به ٿي ســگھي ٿــي .اھــڙي حالــت کان بچــڻ الِء اســپتالن ۾ اھــڙا جديــد اوزار ھونــدا آھــن جيڪــي دل جــي ڌڙڪــڻ کــي ســڻائي (نارمــل) حالــت ۾ آڻــڻ ۾ مــدد ڪنــدا آھــن.
خاص ســوراخن رســتي ٻن ٻن (ڪل چار) ڀاڱن يــا خانــن ( ) Chambers۾ وراھيــل آھــن .انھــن مــان مٿيــن خانــن کــي ڪنوتيــون ( )Auricles۽ ھيٺيــن کــي خانــا ( )Ventriclesچونــدا آھــن .دل جــا ٺھڪڻــا دل ۾ رت کــي ھــڪ طــرف وھــڻ ۾ دل کي چلتو رکندڙ ۽ جان بچائيندڙ ھٿرادا مــدد ڪنــدا آھــن .دل جــي ســاڄي ڪنوتــي (Right پيس ميڪر )auricleجســم کان بنــا آڪســيجن وارو رت اھــڙا ڪيترائــي مــرض ٿــي ســگھن ٿــا جــن وصــول ڪــري ســاڄي خانــي ( )Right ventricle۾ ســبب مريــض جــي دل عــام ۽ رواجــي رفتــار موڪلــي ٿــو جيڪــو وري ان رت کــي ڦڦــڙن کان گھــٽ ڌڙڪــڻ لڳنــدي آھــي .دل جــو گھــٽ ۾ ڌڪينــدو آھــي .جڏھــن تــه دل جــي کاٻــي ڪنوتــي ڦڦــڙن کان صــاف رت وصــول ڪــري کاٻــي خانــي ۾ ڌڪــي ٿــي جتــان اھو رت جســم ڏانھــن موڪليــو وينــدو آھــي.
دل ھڪ اڻ ٿڪندڙ مشڪ آھي.
حقيقــت ۾ دل اســان جــي ٽنگــن ۽ ٻانھــن جــي مــاس ڏورن يــا مشــڪن ()Skeletal muscles جيــان ھــڪ مشــڪ آھــي ،پــر پــوِء بــه دل جــي مشــڪ ( )Cardiac muscleعــام مشــڪن کان انيــڪ ڳالھيــن ۾ مختلــف ۽ نرالــي ٿئــي ٿــي.
پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
5
ھــن ايڪســري ۾ کاٻــي ڦڦــڙ جــي ويجھــو ھــڪ ھٿــراڌو پيــس ميڪــر ڏســجي پيــو.
14فئربوري-28-فئربوري 2015
رفتــار ســان ڌڙڪــڻ ســبب مريــض جــي حياتــي ( )Catheterلنگھائي دل تائين پھچبو آھي. خطــري ۾ پئجــي ســگھي ٿــي .جيڪڏھــن سوڙھيون يا بند ٿي ويندڙ رت نليون ڪنھــن ســبب دل عــام ۽ رواجــي رفتــار کان بيشــڪ دل ســڄي جســم کــي رت پھچائينــدڙ الڳيتــو گھــٽ ڌڙڪــڻ لڳنــدي آھــي تــه مريــض عضــوو آھــي پــر دل پــاڻ ھــڪ اھــڙو مشــڪائون جــي حياتــي بچائــڻ الِء ھٿــراڌو پيــس ميڪــر يــا گوشــت جــو ٺھيــل عضــوو آھــي جنھــن کــي لڳايــو وينــدو آھــي جنھــن کــي عــام ماڻھــو دل پــڻ آڪســيجن ۽ خــوراڪ جــي گھــرج پوي ٿي. جــي بيٽــري بــه چونــدا آھــن .پيــس ميڪــر دل ان مقصــد الِء دل جــي چــوڌاري ننڍيــن ننڍيــن جــي ڌڙڪــڻ کــي ھــڪ ڪــرو رکنــدو آھــي. شــريانين جــو ڄــار ٿئــي جيڪــي ڪورونــري دل جي کليل سرجري شــريانيون ( )Coronary arteriesســڏبيون آھــن. اھــڙا ڪيترائــي ڪارڻ آھــن جــن ســبب دل جــو اھــي ننڍيــون ننڍيــون شــريانيون ســوڙھيون ٿــي يــا ُٻنججــي بنــد ٿــي پونديــون آھــن ،جنھــن ســبب دل جــي مــاس جــي متاثــر حصــي کــي پــوري آڪســيجن ۽ خــوراڪ نــه ملــڻ ســبب اھــو حصــو بــي جــان ٿــي پونــدو آھــي .اھــڙي حالــت جــو نتيجــو دل جــي شــديد ســور يــا دوري جــي روپ ۾ ظاھــر ٿئــي ٿــو .اھــڙي حالــت ۾ ڪــو وقــت ھــو جڏھــن ماھر ســرجنن کــي دل جو دل جــي دوري کان بچــڻ الِء بــاِء پــاس ()Bypass آپريشــن ڪــرڻ الِء دل جــي ڌڙڪــڻ ۽ رت جــي وارو آپريشــن ڪرائڻــو پونــدو آھــي. دوري کــي ڪجــھ گھڙيــن الِء بيھارڻــو پونــدو جڏھن دل ڪم کان جواب ڏيڻ لڳي ٿي ھــو .ان کــي ڪجــھ پلــن جــو مــوت بــه چيــو وينــدو ھــو پــر ڪڏھــن ڪڏھــن اھــڙي طبــي حالــت جــو نتيجــو حقيقــي مــوت جــي روپ ۾ بــه ظاھــر ٿينــدو ھــو .پنجــاھ واري ڏھاڪــي ۾ آپريشــن وقــت دل ۽ ڦڦــڙن جــو ڪــم ســنڀاليندڙ مشــين ( )Heart lung machineجــي ايجــاد کانپــوِء اھــڙي مــوت جــو جوکــم بنــھ گھٽجــي ويــو آھــي تــه دل جــا آپريشــن بــه ســوال ٿــي پيــا آھــن. سٿر رستي دل تائين پھچ جڏھــن ڪنھــن ماڻھــوَء جــي دل پنھنجــو ڪــم جديــد طــب ايتــري ترقــي ڪــري چڪــو آھــي جو کان جــواب ڏيــڻ لڳنــدي آھــي تــه اھــڙي ماڻھــوَء ھــاڻ مريــض جــي ڇاتــي چيــرڻ کانســواِء دل جــي کــي ڪنھــن ٻئــي جــي دل بــه لڳائــي ســگھجي چــڪاس يــا ننــڍو آپريشــن ســوالئي ســان ڪــري ٿــي .اھــڙي آپريشــن کــي دل بدالئــڻ يــا دل روتڻ ســگھجي ٿــو .ھــن طريقــي ۾ ســٿر ،ٺونــٺ يــا ( )Heart transplantچونــدا آھــن .دنيــا ۾ دل روتــڻ ڪرائــي جــي شــريان ۾ ھــڪ تمــام ســنھي نلــي جــو پھريــون آپريشــن 1967ع ۾ ڪيــو ويــو ھــو. ڪنھــن ٻئــي جــي دل لڳرائينــدڙ انســان کــي ســڄي عمــر ھــڪ خــاص دوا واپرائڻــي پونــدي آھــي تــه جيئــن ان جــو جســم ڌاري دل رد نــه ڪــري ســگھي.
ھٿــرادي دل جــي تيــاريَء ۾ رڌل آھــن جيــڪا ڪنھــن بــه مريــض جــي بيمــار دل جــي جــاِء تــي لڳائــي ســگھبي .ان ڏس ۾ ھــڪ گابــي کــي اھــڙي پالســٽڪ جــي دل لڳائــڻ جــو تجربــو ڪاميــاب ويــو آھــي .پر دل ھــڪ اھڙو ڪرامتي عضــوو آھــي جنھــن جــي جــاِء تــي پالســٽڪ جــي دل لڳائــڻ ايتــرو ســولو بــه نــه آھــي.
پالسٽڪ جي دل
سائنســدان پالســٽڪ جــي ٺھيــل ھــڪ اھــڙي
پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
6
14فئربوري-28-فئربوري 2015
Kidney Problems
بڪني جي تندرستي
ڊاڪٽر مريل ڌر
ـاج ـو عـ ـريَء جـ ـي پٿـ ـردي جـ ـتي گـ ـعاعن رسـ شـ اســان اڪثــر ماڻهــن واتــان ٻڌنــدا آهيــون تــه فالڻــي شــهر ۾ ڪــو پهتــل شــخص آهــي جيڪــو بنــا ڪنهــن آپريشــن جــي ٻــن منٽــن ۾ پٿــري ڪــڍي ٿــو ڇــڏي .ڪٿــي وري پهتــل کوهــه دريافــت ڪيــا وڃــن ٿــا جنهــن جــو پاڻــي پيئــڻ ســان پٿــري ٻاهــر نڪريــو وڃــي .انهــي ۾ ڪيتــري صداقــت آهــي ان بحــث کان هٽــي ڪــري مــان اوهــان کــي اهــو ٻڌائينــدس تــه ڪهــڙي سائنســي طريقــي رســتي بنــا ڪنهــن چيرڦــاڙ يــا آپريشــن جــي ،شــعاعن جــي مــدد ســان پٿــري جــو عــاج ڪــري ســگهجي ٿو.
پاڪســتان ۾ گــردن ۾ پٿــري جــو مــرض عــام آهــي .خــاص ڪــري اســان جــي صوبــي ســنڌ ۾ وڌيــڪ آهي.ٽــڪل هــر ســال 50هــزار ماڻهــو هــن مــرض ۾ مبتــا ٿيــن ٿــا .ڪنــو پاڻــي ،غربــت ۽ گرمــي هــن بيمــاري جــو عــام ســبب آهــن. ڪجهــه ســال اڳ گــردي جــي پٿــري جــو عــاج صــرف آپريشــن هونــدو هــو .پــر هــاڻ هــن جــو عــاج بنــا آپريشــن جــي شــعاعن جــي وســيلي ممڪــن بڻجــي ويــو آهي.پٿــريَء کــي شــعاعن جــي ذريعــي ڀــورا ڀــورا ڪــري پيشــاب رســتي ڪڍيــو وڃــي ٿــو .هــن عــاج ماڻهــن جــو گهڻيــون تڪليفــون گھٽائــي ڇڏيــون آهــن. لٿوٿريسي جنهن جو پورو نالو “ايڪسٽرا ڪارپوريل شاڪ ويو لٿو ٽريسي” آهي .ان مشين جــو پهريــون تجربــو روس جــي کاڻين کان شــروع
ٿيــو ۽ پــوِء ان کــي انســاني جســم تــي اســتعمال ڪيــو ويــو .اڳ هــن ۾ پاڻــيَء جــو ٽيــوب ٻاهــر هونــدو آهــي ۽ مريــض کــي بيهــوش ڪيــو وينــدو آهــي پــر هاڻــي ايئــن ناهــي ،هاڻــي مريــض کــي بنــا بيهــوش ڪــرڻ جــي مريــض کــي هــڪ آرامده ٽيبل
وينــدو آهــي. جيئــن تــه پٿــري جــو مــرض خــاص ڪــري گــردي ۾ پٿــري جــو مــرض ســنڌ ۾ عام جــام آهي. ان ڪــري مــرض جــو فــورن عــاج ڏاڍو ضــروري آهــي .هــن وقــت پٿــري کــي شــعاعن رســتي ڪــڍڻ جي جديد مشــين ســڄي پاڪســتان ۾ صرف هڪ آهــي جيــڪا ســول اســپتال ڪراچــي ۾ آهــي .هــن وڌنــدڙ مــرض کــي ڏســندي حڪومت کي گهرجي
تــي ليٽائــي مريــض جو اهــو حصو جتي پٿري آهي مشــين ان مٿان بلڪل هڪ پاڻي جي ڪشــن تي اهــڙي طــرح ڇهنــدو آهــي جــو جيئــن مشــين جــي جنريٽــر مــان نڪرنــدڙ شــعاعون هيٺــل لــڳل هڪ اليڪٽــروڊ مــان ٿينــدي پاڻــي واري ڪشــن مــان نڪرنــدي ۽ جســم مــان ٿينــدي .ســڌو وڃــي پٿــري ته ســنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4مشــينون هئڻ گهرجن. ان الِء آئــون حڪومــت ســنڌ جــي صحــت کاتي کي گــذارش ڪنــدس تــه صحت پاليســي ٺاهي ملڪ ۾ وڌ ۾ وڌ جديــد ٽيڪناالجــي کــي روشــناس ڪرائي تــه جيئيــن ملــڪ جــي غريــب بــي پهــچ ماڻهــن الِء صحــت جــي بنيــادي ســهولت ممڪن ٿي ســگهي. شعاعن کان پوِء مريض الِء ڪجهه هدايتون:
ســان ٽڪرائينــدي آهــي .ٻــي ڪمــال جــي ڳالهه آهي تــه اهــا مشــين ۽ ان جــو شــعاعون رڳــو پٿــري کــي ٽوڙينديــون آهــن .انســاني جســم تــي ڪوبــه اثــر ناهــن ڇڏينديــون .نــه ئــي گــڙدي تــي ڪــو اثــر پوندو آهــي .شــعاعن وارو عــاج ڪــرڻ کان اڳ مريــض کــي شــعاعن واري رات جــاب وٺڻــو پونــدو آهــي. صبــح جــو خالــي پيــٽ اســپتال اچڻــو پونــدو آهــي. هــن عــاج ســان مريــض کــي هــڪ ڏينهــن بــه داخــل ٿيڻــو ناهــي پوندو .کيس ٽن چئن ڪالڪــن واندو ڪيــو وينــدو آهــي .جيڪڏهن گردي ۾ پٿــري وڌي وڃــي تــه ان کــي مثانــي ۾ آڻــي پــوِء هــڪ ســنهڙي ٽيــوب ذريعــي (جنهــن کــي DJچيــو وينــدو آهــي) داخــل ڪــري ڪڍيــو وينــدو آهــي .هــن طريقي ســان مريــض کــي 24ڪالڪ اســپتال ۾ رهڻــو پونــدو آهــي .ڇــو تــه هــي ٽيوب بيهوش ڪــري داخل ڪيو
پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
7
پاڻي جو گهڻو استعمال ڪري يعني 20کان 30 گالس روزانو پئي. شــعاعن کان پوِء 2يا 3ڀيرا پيٽ جو ايڪســري ( )KUBڪرائي. جيڪڏهــن ٽيــوب وڌو ويــو آهــي تــه ٻــن يــا ٽــن هفتــن بعــد اچــي ڪڍائــي وڃــي. (شعاعن کان پوِء هي مسئال ٿي سگهن ٿا) مريــض کــي گــردي ۾ ســور جــي شــڪايت ٿــي ســگهي ٿــي. پيشــاب ۾ خــون اچــڻ ،جيڪڏهــن ٿــورو اچــي تــه ڪا ڳالهــه ناهــي جيڪڏهــن گهڻــو اچــي ته فــورن ڊاڪٽــرن ســان رابطــو ڪــري. جيڪڏهــن گــردو هــڪ آهــي يــا ٻنهــي ۾ پٿــري آهــي تــه يــا وري هــڪ ۾ پٿــري آهــي تــه ٻيــو ڪم گهــٽ ڪــري ٿــو ان جــو پيشــاب بنــد ٿي ســگهي ٿو .ان کي به ڊاڪٽر ســان رابطو ڪرڻ گهرجي.
14فئربوري-28-فئربوري 2015
Climate Change
مرتيض ڌاريجو ڊاڪٽر عيل ٰ
رپورٽ ڪارنر
هجڻ ســبب ٿر ،ڪاڇي ۽ ڪوهســتان ٿــر ،ڪوهســتان ۽ ســاحلي عالئقــن ۾ جــا ماڻهــو بکــون ڪاٽــڻ ســبب ٻيــن کاڌي جــي کــوٽ ۽ موســمي تبديلــي عالئقــن ڏانهــن لڏپــاڻ ڪــرڻ تــي مجبــور آهن .صــاح الدين جوڻيجي، دنيــا جــي 17ارب آدمشــماريَء مــان 2ارب انســان ســرمائيدار ماريــا ســومرو ۽ خــدا بخــش بهراڻــيَء
آهــي تــه وقتائتــا اپاَء ورتــا وٺڻ گهرجن تــه جيئــن ٿــر ۽ ڪوهســتان ۾ وڌيــڪ انســاني زندگيــن کــي تباهــه ٿيــڻ کان بچائــي ســگهجي. ســيمينار يڪــراِء طــور تــي ٺهــراُء پــاس ڪيــو ته ،ســنڌوَء تــي اڏيل ســڀ ڊيــم ۽ ســنڌوَء مــان نڪرنــدڙ ســڀ ڪئنــال ختــم ڪيــا وڃــن تــه جيئــن ســنڌوَء جــو پاڻي بنــا روڪ جي انــڊس ڊيلٽــا تائيــن رســي ســگهي، ڪچــي جــي عالئقــي ۾ ٻيلــي کاتــي جــي ســڄي زميــن ســنڌوَء جــي ٻنهــي ڪنــارن ســان جيــڪا ڪشــمور کان
ٻڌايــو تــه دنيــا جي 17ارب آدمشــماريَء مان 2ارب انسان سرمائيدار دنيا جي ڪــري کاڌ خــوراڪ جــي شــديد اڻــاٺ جــو شــڪار آهــن .جڏهــن ته پاڪســتان جهــڙي ملــڪ کــي دالســن ۾ رهايــو وڃــي ٿــو ۽ اهــي ان سلســلي ۾ نــه تــه ڪــي ڪوششــون ڪــن ٿــا نــه ئــي مســئلن جــي حــل الِء ۽ اينــدڙ للڪارن کــي منهــن ڏيــڻ الِء ڪي رٿائون رٿين ٿــا .صحافــي محبــوب ابــڙي چيــو ،تــه موســمي تبديليــن ۽ کاڌي جــي اڻــاٺ کــي منهــن ڏيــڻ الِء هــڪ جامــع مهــم هالئــڻ ،ســنڌوَء ۾ گهربــل مقــدار ۾ پاڻــي ڇــڏڻ ۽ انــڊس ڊيلٽــا کــي بحــال ڪرڻ الِء اپائن جي وٺڻ جي ضرورت آهــي تــه ســاڳئي وقت اختياريــن جو به ان پاسي ڌيان ڇڪائيندي گهر ڪئي
ڪيٽــي بنــدر تائيــن ليــز تــي ڏنــي ويئــي آهــي واپــس ڪرائــي وڃــي، ٻيلــن کــي بحــال ڪيــو وڃــي ته جيئن ســنڌ کــي ماحولياتــي مســئلن کان بچائڻ الِء اپاَء وٺي سگهجن .ٺهراَء ۾ اهــا بــه گهر ڪئــي وئي تــه ذوالفقارآباد جهــڙي شــاهي رٿــا کــي ختــم ڪــري ان تــي خــرچ ٿينــدڙ پئســو ســنڌ جــي موتمار مســئلن ۽ هيٺاهين ســنڌ جي ترقــي تــي خــرچ ڪيــا وڃــن .وڌيــڪ اهــا بــه گهــر ڪئــي ويئــي ته مســڪين ۽ محتــاج ماڻهــن خــاص طــور تــي پڇــڙيَء ۾ غربــت کان بــه بدتر زندگي گذارينــدڙ ماڻهــن جــي معيــار زندگــي وڌائــڻ الِء تــرت اپــاَء ورتــا وڃــن ۽ ســنڌ جــي ســرڪاري زميــن ٻاهريــن ماڻهن کــي االٽ نــه ڪئــي وڃــي.
دنيــا جــي ڪــري کاڌ خــوراڪ جــي شــديد اڻــاٺ جــو شــڪار آهــن. جڏهــن تــه پاڪســتان جهــڙي ملــڪ کــي دالســن ۾ رهايــو وڃــي ٿــو.
اڄ جي دنيا کي سڀ کان وڏو خطــرو کاڌي جــي پيــدا ٿينــدڙ کــوٽ ۽ موســمي تبديلــي آهــي .جيڪڏهن هن ڌرتــيَء تــي رهنــدڙ انســان اهڙن گنڀير مســئلن جــي اپائــن ڏانهــن ڌيان نــه ڏنو ۽ ان الِء عملي رٿائون تيار نه ڪيون تــه اهــڙي صورتحــال تهائيــن ابتــر ٿــي ســگهي ٿي .اهڙين ڳالهين جو اظهار ڪنــدي هــڪ ڏينهــن جــي ٺٽــي پريــس ڪلــب ۾ مٿيــن عنــوان هيــٺ ڪرايل ســيمينار ۾ ماهــرن ويچــار ونڊينــدي خبــردار ڪيــو آهــي. پاڪســتان فشــر فــورڪ فــورم جــي چيئرميــن محمــد علــي شــاهه چيــو تــه وفاقــي حڪومــت جــي “وفاقــي حڪومــت جــي نــاڪام رٿائــن ،بــي پناهــه ڪرپشــن ۽ ماٽيلــي مــاُء واري ســلوڪ ســبب ان جــا ننــڍا وفاقــي يونــٽ؛ ٿــر، ڪوهســتان ۽ ســاحلي عالئقــا ســنڌ ۾ ايٿوپيــا ۾ مٽجــي ويــا آهــن”. _______________محمد علي شاهه
نــاڪام رٿائــن ،بــي پناهــه ڪرپشــن ۽ ماٽيلــي مــاُء واري ســلوڪ ســبب ان جا ننڍا وفاقي يونٽ؛ ٿر ،ڪوهســتان ۽ ســاحلي عالئقــا ســنڌ ۾ ايٿوپيــا ۾ مٽجــي ويــا آهــن .ســندس چواڻــي، ســنڌ جــي ســاحلي انســاني آبــادي الڳيتــو تباهيــن کــي منهــن ڏئــي رهي آهــي ،جنهــن ۾ طوفــان ،ٻــوڏون ،تيــز بارشــون ،ســنڌوَء جــي ڇــوڙ واري
“تــه موســمي تبديليــن ۽ کاڌي جــي اڻــاٺ کــي منهــن ڏيــڻ الِء هڪ جامع مهــم هالئــڻ ،ســنڌوَء ۾ گهربــل مقــدار ۾ پاڻــي ڇــڏڻ ۽ انــڊس ڊيلٽــا کــي بحــال ڪــرڻ الِء اپائــن جــي وٺــڻ جــي ضــرورت آهــي” ___________________محبوب ابڙو
عالئقــي ۾ مٺــو پاڻــي نــه ڇــڏڻ ســبب هتــان جــا ماڻهــو مسلســل تڪليفــن کــي منهــن ڏئــي رهيــا آهــن ۽ وفاقــي ۽ صوبائــي حڪومتــون خامــوش “ســنڌو درياَء ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ســبب، سمنڊ جو کاري پاڻي زرعي زمين جــا 1.3مليــن ايڪــڙ تباهــه ڪــري چڪــو آهي .نظرانــدازيَء ۽ الڳاپيل رٿائن جي نه هجڻ سبب ٿر ،ڪاڇي ۽ ڪوهســتان جــا ماڻهــو بکــون ڪاٽــڻ ســبب ٻيــن عالئقــن ڏانهــن لڏپــاڻ ڪــرڻ تــي مجبــور آهــن”. _______ڊاڪٽر محمد علي مانجھي تماشــائي بڻجــي اهڙيــون ماجرائــون ڏســي رهيــون آهــن .ان سلســلي ۾ ڊاڪٽــر محمــد علــي مانجهــيَء چيــو ته ،ســنڌوَء ۾ گذريل ويهن ســالن کان ڪوٽــڙي کان هيــٺ گهــٽ ۾ گهــٽ گهربــل مقــدار 35ايــم اي ايــف بــه نــه ڇــڏڻ ســبب حيدرآبــاد کان انــڊس ڊيلٽا جــي کاري ڇــاڻ تائين ســنڌو درياَء جي ڪنــارن وارا اڪيچــار ٻيال ۽ انســاني آباديون تباهه ٿي چڪيون آهن .سنڌو دريــاَء ۾ پاڻــي نــه ڇــڏڻ ســبب ،ســمنڊ جــو کاري پاڻــي زرعــي زميــن جــا 1.3 مليــن ايڪــڙ تباهــه ڪــري چڪــو آهي ۽ اهو سلســلو اڃان تائين جاري آهي. ڊاڪٽــر مانجهــيَء وڌيــڪ ٻڌايــو تــه، نظرانــدازيَء ۽ الڳاپيــل رٿائــن جــي نــه پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
8
14فئربوري-28-فئربوري 2015
Travel Diseases Africa
سياحت ۽ صحت
الطاف شيخ
آفريــڪا جــون بيماريــون هتــي ڪجهــه اهڙيــن بيماريــن جــو مختصــر احــوال لــکان ٿــو جيڪــي آفريــڪا کنــڊ جــي ڪيتــرن ئــي ملڪــن ۾ عــام آهــن ۽ جــن بابــت ،جڏهــن بــه اســان جــو جهــاز ممباســا ،ڊڪار ،عابــد جــان ،زئنزيبــار ،موپوتــو يــا آفريــڪا جــي ڪنهــن ٻئــي بنــدرگاه ۾ ويــو ٿــي تــه اســان کــي خبــردار ڪيــو ويــو ٿــي جيئــن اســان پنهنجــو پــاڻ کــي انهــن بيماريــن کان بچائــي رکــون .ڪــن بيماريــن جــي بچــاَء الِء تــه ُســيون ۽ ُٽــڪا ( )Vaccinesبــه لڳرائڻــا پيــا ٿــي .ڪــن مکيــن ،مڇــرن ۽ ڪينئــن کــي جســم تــي وهــڻ کان ڀڄائــڻ الِء جســم کــي َمکــڻ الِء ڪجهــه دوائــون ۽ Sprayبــه رکڻــا پيــا ٿــي.
ائڊز (:)Aids ســڄي آفريــڪا ۾ HIV۽ Venereal بيماريــن جــو ،جنهــن ۾ بــاد فرنــگ (ســفليز)، گنورهيــا (پرميــل) ۽ ٻيــون اچــي وڃــن ٿيــون، وڏو آزار آهــي .ان جــو ســبب غربــت ۽ صحــت جــي اصولــن کان اڻڄاڻائــي آهــي .هتــي جــا ماڻهــو گــورن يورپيــن تــي ڏوهــه هڻــن ٿــا تــه اهــي بيماريــون هنــن اچــي هنــن جــي ملــڪ ۾ پکيڙيــون آهــن .ان ۾ تــه ڪــو شــڪ ناهــي تــه ننــڍي کنــڊ ۾ اهــي بيماريــون يورپيــن ۽ انگريــزن پکيڙيــون ،جنهــن جــي ثابتــي انهــن بيماريــن جــي نالــن مــان ئــي ملــي ٿــي .جيئــن تــه ـي آهــي فرنگيــن ”بــا ِد فرنــگ“ جنهــن جــي معنـ ٰ جــي پکيڙيــل هــوا .اڄ اهــي يورپــي يــا آمريڪن تعليــم ڪــري ۽ صحــت جــي ســهوليت ڪــري انهــن مــوذي مرضــن کان بچيــل آهــن .هيڏانهــن آفريــڪا تــوڙي اســان وٽ ايشــيا ۾ انهــن بيماريــن ۾ وڃــن ماڻهــو جڪڙنــدا .افســوس جــي ڳالهــه اهــا آهــي تــه تعليــم ۽ هائجــن جــي کــوٽ ڪــري اڄ ســنڌ ۾ ائــڊز جــو مــرض تمــام
تيــزيَء ســان وڌي رهيــو آهــي .بهرحــال آفريــڪا اينــدڙن کــي (ســاڳي وقــت ٿائلنــڊ جهــڙن ملڪن ڏي وينــدڙن کــي) آئــون اهــو ئــي مشــورو ڏينــدس تــه پنهنجــي صحــت جــو خيــال رکــن ۽ ڌاريــن ســان ازدواجــي زندگــي کان پاســو ڪــن ۽ پنهنجيــن زالــن کــي ائــڊز جهــڙي مــوذي مــرض ۾ مبتــا ڪــرڻ کان بچائيــن. بلحارظيا (:)Bilharzia هــيَء بيمــاري جيــڪا Schistosmiasisبــه ســڏجي ٿــي ســڄي آفريــڪا ۾ جتــي جتي درياه، نديــون ،نــاال وهــن ٿــا عــام آهــي .بلحارظيــا کان مصــر بــه بچيــل ناهــي جــو اتــي جــي وهنــدڙ نيل نــدي يوگنــڊا جــي وڪٽوريــا ڍنــڍ کان شــروع ٿئــي ٿــي .هــن بيمــاريَء جــا جراثيــم ()Parasites مٺــي پاڻــي (درياهــن وغيــره) ۾ رهنــدڙ ِســنيل ( )Snailsانــدر رهــن ٿــا ۽ وڌن ويجهــن ٿــاSnail . ڪينئــون ،هــي جراثيــم ( )Larvaeٻاهــر ڪــڍي ٿــو ۽ اهــي انســان انــدر داخــل ٿــي وڃــن ٿــا. هــي الروا چمــڙيَء ذريعــي انســان جــي جســم ۾ گهــڙي وڃــن ٿــا .انســان جــي جســم ۾ ڀلــي
پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
9
ڪــو زخــم نــه هجــي تــه بــه هــو انســان جــي کل انــدر گهڙيــو وڃــن .ان بعــد هــيَء بيمــاري هــڪ ماڻهــوَء مــان ٻئــي ۾ مريــض جــي پيشــاب ذريعــي پکــڙي ٿــي .جڏهــن ڪــو مريــض دريــاه جــي ڪنــاري تــي پيشــاب ڪــري ٿــو تــه هــي Parasiteپاڻــيَء ۾مليــو وڃــن ۽ ان پاڻــيَء ۾ ڪــو بــه وهنجــي ٿــو تــه هــن جــي کل ( )Skinمــان هــن جــي جســم ۾ داخــل ٿيــو وڃــن .بلحارظيــا جــو هــاڻ ٻــڌو اٿــم تــه عــاج نڪتــو آهــي ،پــر اســان کــي هميشــه دريــاه جــي پاڻــيَء ۾ تــوڙي ســئمنگ ُپــول ۾ وهنجــڻ کان منــع ڪيــو ويــو ٿــي .پــر هــن دفعــي ڏٺــم تــه ڪيترائــي فارينــر، جنهــن هوٽــل ۾ آئــون رهيــل هــوس ،ان جــي ســئمنگ پــول ۾ ســئمنگ ڪــري رهيــا هئــا. پاڻــيَء ۾ گهــڙڻ کان اڳ ۾ هنــن Deetنالــي هــڪ لوشــن ( )Repellentپنهنجــي جســم کــي هنيــو ٿــي جنهــن الِء هنــن چيــو ٿــي تــه ان جــي بــوِء ڪــري بلحارظيــا جــا پئراســائيٽ انســان جــي کل جــي ويجهــو نٿــا اچــن .وهنجــڻ بعــد هنــن يڪــدم پنهنجــي جســم کــي ٽــوال ســان خشــڪ ڪيــو ٿــي .هــن بيمــاريَء ۾ ماڻهــوَء جــو ُنــور هليــو وڃــي ٿــو. ڪالرا: آفريــڪا ۾ ڪالــرا تمــام گهڻــي آهــي، جيــڪا گنــدي پاڻــيَء ۽ بئڪٽريــا واري کاڌي مــان لڳــي ٿــي .هوٽــل يــا آفيــس کان ٻاهــر نڪــرو تــه پــاڻ ســان صــاف پاڻــيَء جــي بوتــل کڻــي نڪــرو .گهــٽ رڌل مڇــي يــا گانگــٽ ۽ ڪچــي ڀاڄــي ۽ ســاد کائــڻ کان پرهيــز ڪريــو. ڪالــرا ۾ الٽيــون ۽ دســت ٿيــن ٿــا .ماڻهــوَء جــي جســم جــو پاڻــي ( )Dehydrateخشــڪ ٿيــو وڃــي جنهــن جــي پورائــي الِء گهڻــي کان گهڻــو پاڻــي
14فئربوري-28-فئربوري 2015
ننڊ جي بيامري پکيڙيندڙ مک ۽ جيوڙا
۽ لــوڻ اســتعمال ڪجــي .اهــا حالــت گهڻا ڏينهن هلــڻ تــي بلــڊ پريشــر گهٽجيــو وڃــي ،ٽيمپريچر ۽ پيشــاب گهٽجيــو وڃــي ۽ ماڻهــو ڪومــا ۾ (بيهوشــيَء جــي عالــم ۾) هليــو وڃــي ٿــو. ڊائريا ۽ پيٽ جو خراب ٿيڻ: توهــان کڻــي ڪيــڏو بــه خيــال ســان هلــو پــر مــون ڏٺــو آهــي تــه آفريــڪا ۾ اچــي هــڪ ٻــه ڏينهــن پيــٽ ضــرور خــراب رهــي ٿــو. بهتــر عــاج اهــو ئــي آهــي تــه آرام ڪجــي، گهڻــي تيــل ۽ گيهــه واريــون شــيون نــه کائجــن. ڪوشــش ڪــري ڌوري ڀــت تــي گــذارو ڪجــي پــر جــي ٽــن چئــن ڏينهــن بعــد آرام محســوس معنــي خطــري جــي نشــاني آهــي، نــه ٿئــي تــه ٰ ڪنهــن ڊاڪٽــر ســان صــاح ڪجــي. هيپاٽائيٽس A۽ :B آفريــڪا ۾ هيپاٽائيٽــس بــه ڏاڍي عــام آهــي .هيپاٽائيٽــس Aاهــڙي خطرنــاڪ ناهــي. خــراب پاڻــي پيئــڻ ۽ صفائــي جــو گهڻــو خيــال نــه رکــڻ ڪــري انســان جــي جيــري تــي اثــر ٿئــي ٿــو جنهــن ڪــري بخــار ،جســم ۾ ســور، ســائي ۽ پيشــاب جــو دونهاٽيــل رنــگ رهــي ٿــو. هــن بيمــاريَء ۾ جيتوڻيــڪ مــوت نٿــو اچــي پــر مريــض ســاڻو ٿيــو پــوي ۽ هــن کان گهمــڻ ڦــرڻ ڇڏائجيــو وڃــي .هيپاٽائيٽــس Aجــي بچــاَء جــون اڄ ڪلهــه ســيون ايجــاد ٿــي چڪيــون آهــن ،جيڪــي ڪافــي اثــر واريــون آهــن ،باقــي هيپاٽائيٽــس ’ ‘Bجيــڪا رت جــي Transmitيــا Sexڪــري ٿئــي ٿــي ،بلــڪل موتمــار آهــي، جنهــن ۾ چنــد هفتــن ۾ جيــرو تباهــه ٿيــو وڃــي. ڪــن حالتــن ۾ هــن بيمــاريَء جــو عــاج ٿيــو بــه وڃــي ٿــو نــه تــه گهڻيــن حالتــن ۾ مريــض ســڄي عمــر هــن بيمــاريَء ۾ ورتــل رهــي ٿــو. السا بخار (:)Lassa fever هــيَء بيمــاري آفريــڪا جــي اولهــه وارن ملڪــن ۾ ڏاڍي آهــي .اســان جــو جهــاز جڏهن به ســينيگال ،آئــوري ڪوســٽ ،نائيجيريــا ،ســيريا ليــون جهــڙن ملڪــن جــي ڪنهــن بندرگاهــه ڏي روانــو ٿينــدو هــو ،تــه اســان کــي هــن بيمــاري الِء خبــردار ڪيــو وينــدو هــو ،جيــڪا بيحــد موتمــار بيمــاري آهــي ۽ هــڪ دفعــو لڳــڻ ســان ان مــان بچــڻ مشــڪل آهــي .اڄ ڏينهــن تائيــن
هــن بيمــاري لڳــڻ جــي ســبب جــي خبــر پئجــي نــه ســگهي آهــي .فلــوَء وانگــر هــڪ کان ٻئــي کــي لڳــي ٿــي جيــڪا گهڻــي بخــار ،الٽيــن، کنگهــه ۽ ڪمــزوريَء ســان شــروع ٿئــي ٿــي. ملرييا: مليريــا اهــڙي بيمــاري آهــي ،جيــڪا اســان وٽ بــه عــام آهــي .جيتوڻيــڪ ايشــيا جــا ڪيترائــي ملــڪ ان مــان جــان ڇڏائــي چــڪا آهــن ،پــر اســان وٽ ۽ ڪجهــه بنگالديــش ،انڊيــا ۽ ســريلنڪا جهــڙن ملڪــن ۾ اڃــان قائــم آهــي. پــر اهــو آهــي تــه هفتيــوار بئســو ڪيئــن يــا نيواڪيئــن جهــڙي گــوري کائــڻ ســان ۽ ڄــاريَء انــدر ســمهڻ ســان بچــاُء ٿيــو وڃــي .پــر آفريــڪا ۾ ڪيترائــي اهــڙا جيــت آهــن .جهــڙوڪ تســي تســي مــک جيــڪا ڏينهــن ڏٺــي جــو بــه اچيــو ڏنگيــو وڃــي .آفريــڪا ۾ ڪيتــرن ئــي هنــڌن تــي پاڻــي اهــڙو آهــي ،جــو ان جــي پيئــڻ ســان ڪالــرا ،دســت ،پيچــش ۽ وينــدي هيپاٽائيٽــس اي ٿيــو پــوي ۽ جنهــن ســان وهنجــڻ تــي بلحارظيــا ٿيــو پــوي .بهرحــال مليريــا بــه هــڪ مــوذي مــرض آهــي جيڪــو ســفر دوران ماڻهــوَء کــي بــي پهــچ ڪريــو ڇــڏي .انڊيــا ،ايــران، بنگالديــش وڃــڻ ٿئــي تــه بــه Mospelجســم تــي مکــڻ جهــڙي ڪا دوا ۽ باســو ڪئــن يــا نيــوا ڪئــن جهڙيــون گوريــون پــاڻ ســان ضــرور کڻــي نڪــرڻ کپــن. رئبيز (:)Rabies نــه فقــط ڪتــن ٻلــن ۾ پــر آفريــڪا ۾ ڪيتــرن ئــي جانــورن ۾ رئبيــز جــا جراثيــم آهــن .ان ڪــري پالتــو جانــورن کان بــه پاســو ڪــرڻ کپــي .هــن بيمــاريَء جــون هــڪ دفعــو جــي عالمتــون ظاهــر ٿــي پــون تــه پــوِء هــي العــاج مــرض آهــي .ان ڪــري جيئــن ئــي ڪــو ڪتــو ٻلــو چــڪ هڻــي تــه يڪــدم ڊاڪٽــر وٽ پهچــي احتيــاط حاصــل ڪجــي .رئبيــز الِء Pre- exposureوئڪســين ٿئــي ٿــي پــر ان هونــدي بــه َچــڪ لڳــڻ تــي ،زخــم کــي صابــڻ ۽ پاڻــيَء ســان صــاف ڪــري ڊاڪٽــر وٽ پهچــي وڃجــي. ننڊ جي بيامري (:)Sleeping Sickness هــن بيمــاريَء بابــت گذريــل مضمــون ۾ لکــي چڪــو آهيــان تــه تســي تســي مــک جــي
پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
10
ڏنــگ هڻــڻ ســان ٿئــي ٿــي .هــن بيمــاريَء ۾ بخــار ٿئــي ٿــو .جســم جــي چمــڙيَء تــي ڦــٽ ٿيــو پــون ۽ انيميــا پــڻ ٿئــي ٿــي .يڪــدم عــاج نــه ڪرائــڻ ســان ڊپريشــن ،بــک جــو مــري وڃڻ، ڳالهائــڻ ۾ هٻــڪ ۽ ســخت ٿــڪاوٽ محســوس ٿئــي ٿــي ۽ اڳتــي هلــي مغــز Damageٿيــو پــوي ۽ مــوت جــو ســبب ٿئــي ٿــو. ٽي يب (:)Tuberculosis آفريــڪا ۾ مٽــي ،ڌوڙ ،صحيــح طــرح پاڻــي جــي نيــڪال نــه هجــڻ ڪــري ڪــن ڪــن هنــڌن تــي ٽــي بــي جــو مــرض تمــام گهڻــو آهــي .مريــض جــي کنگهــڻ يــا ڇڪــون ڏيــڻ ســان هــن مــرض جــا جراثيــم ٻــي ماڻهــوَء جــي ڦڦــڙن تائيــن پهچــي ســگهن ٿــا .ٽــي بــي جــون هيٺيــون عالمتــون آهــن: بخــارَ ،ٿـ ُ ـڪ ،وزن گهٽجــڻ ،کنگهــه ،ڇاتــيَء ۾ ســور ،ســاهه ۾ ســهڪ ،رات جــو پگهــر اچــڻ ۽ ُٿـ َ ـڪ ۾ رت اچــڻ. مدي جو تپ (:)Typhoid هــن بيمــاريَء ۾ کاڌي ۽ پاڻــيَء ذريعــي مريــض جــا بئڪٽيريــا ٻيــن تائيــن پهچــن ٿا .هن بيمــاريَء ۾ مريــض جــو آنــڊو خــراب رهــي ٿــو. هــن کــي َٿــڪ ،بخــار ۽ پيــٽ ۾ ســور رهــي ٿــو. عــاج نــه ٿيــڻ تــي مريــض کــي آنــڊي مــان رت بــه اچــڻ شــروع ٿيــو وڃــي ۽ ( Comaبيهوشــيَء) ۾ هليــو وڃــي ٿــو .آفريــڪا کنــڊ جــي ڪنهــن بــه ملــڪ ۾ اينــدڙ ٽوئرســٽ الِء ييلــو فيــور وانگــر ٽائيفائيــڊ جــي بچــاَء جــي ســئي لڳرائــڻ پــڻ ضــروري آهــي. بهرحــال انهــن چنــد ڳالهيــن مــان پڙهنــدڙن کــي ideaٿــي وئــي هونــدي تــه آفريڪا ڏي روانــو ٿيــڻ ائيــن ســؤلو ناهــي جيئــن ڪــو حــج الِء ســعودي عــرب يــا گهمــڻ الِء مالئيشــيا يــا لنــڊن جــو ارادو ڪــري ٿــو تــه هــن کــي فقــط ڪپــڙن جــي بئــگ ٺاهڻــي پــوي ٿــي ۽ ٽڪيــٽ خريــد ڪرڻــي پــوي ٿــي پــر آفريڪا جــي ڪنهن شــهر ۾ اچــڻ کان اڳ ڪيتريــن ئــي بيماريــن جــي بچــاَء الِء ســيون هڻائڻيــون پــون ٿيــون ،ان بعــد آفريــڪا جــي ســرزمين تــي پهچــڻ بعــد بــه پنهنجــو پــاڻ کــي جيتــن ۽ جانــورن کان بچائڻــو پــوي ٿــو.
14فئربوري-28-فئربوري 2015
Book Shelf
ڪتابن جو تعارف ۽ تبرصو
“تندرســتي” بــڪ شــيلف ســنڌيَء ۾ ڇپيــل صحــت ۽ ســائنس بابــت ڪتابــن جــو تعارف زال ۽ مــڙس جــي رشــتن کــي ڪيئــن ڪاميــاب بڻائجــي؟
شبانه سولنگيَء جي ترجمو ڪيل ڪتاب تي تبصرو
ڪنهــن بــه ســماج جــي ســٺي يــا بــري هجــڻ الِء ڪــي خــاص ســبب هونــدا آهــن .علــم سوســائٽيَء کــي ســٺو بڻائــي ٿــو. اهــو وڏو ســچ آهــي ،اســان جهــڙن ملڪــن ۾ علــم جــي گهــٽ هجــڻ ســبب ،گهڻيــون برايــون جنــم وٺــن ٿيــون ،خــاص طــور علــم جڏهــن عــورت وٽ اچــي ٿــو تــه اهــو گڏيــل طــور ســماج ۾ گهڻيــون ئــي ســٺايون پيــدا ڪــري ٿــو. ننــڍي دائــري ۾ اهــو علــم ڪنهــن بــه خانــدان الِء گهڻــو الڀائتــو ٿئــي ٿــو ۽ اهــو علــم مختلــف حوالــن ســان ڪــم اچــي ٿــو” .زال ۽ مــڙس جــي رشــتي کــي ڪيئــن ڪاميــاب بڻائجــي“ نالــي واري ڪتــاب ۾ اهــڙو علــم آهــي جيڪــو هــڪ جــوڙي کــي اهــو شــعور ڏئــي
ٿــو ،جيڪــو ســندن زندگــي کــي نــه رڳــو پرســڪون پــر باوقــار بــه بڻائــي ٿــو .زال مــڙس جــي زندگــي هــڪ نجــي زندگــي ٿئــي ٿــي جنهــن کــي ســنوارڻ ۽ پرســڪون بڻائــڻ ۾ جتــي مــرد جــو هــٿ ٿئــي ٿــو اتــي عــورت جــو پــڻ اوتــرو ئــي ســهڪار هجــڻ ضــروري ٿئــي ٿــو. جتــي ٻئــي هڪٻئــي ســان ســاٿاري هونــدا آهــن ،اتــي هــڪ وڻنــدڙ زندگــي هونــدي آهــي اهــڙي پــڪ آهــي. هــيُء ڪتــاب اهــڙو ئــي علــم ڏئــي ٿــو جنهــن جــي پڙهــڻ ســان منتشــر زندگيــون گذارينــدڙ جــوڙن کــي گهڻــو فائــدو پهچــي ســگھي ٿــو .ڪتــاب ”زال مــڙس جــي رســتي کــي ڪيئــن ڪاميــاب بڻائجي“اســانجي ســماج ۾ رهنــدڙ
عــورت کــي گهڻــو فائــدو ڏينــدڙ آهــي جيڪــو ايــران جــي ناميــاري عالــم ”ابراهيــم امينــيَء“ لکيــو آهــي .هــن عالــم ڪتــاب لکــڻ وقــت اهــا ڳالهــه ذهــن ۾ رکــي ويئــي آهــي تــه جــن ملڪــن ۾ مذهــب جــو وڌيــڪ عمــل دخــل آهــي ،ڪــي دٻــاُء موجــود آهــن ،ڪــي تهذيبــي ۽ ثقافتــي پابنديــون آهــن ،تــن ملڪــن جــي ماڻهــن کــي هــيُء ڪتــاب وڌيــڪ ڪارائتــو ثابــت ٿــي ســگھي ٿــو .ٿلهــي ليکــي، زال مــڙس جــي زندگــي گــذارڻ جــون گهڻيــون باريڪيــون هــن ڪتــاب ۾ بيــان ڪيــون ويــون آهــن ،جيڪــي اســان جــا نوجــوان ڇوڪــرا توڻــي ڇوڪريــون پڙهــي پنهنجــي آئينــدي الِء ڪــي حــدون جــوڙي ســگهن ٿــا .وري وري پڙهــي پنهنجــي گهريلــو زندگــي، پرســڪون ۽ باوقــار بڻائــڻ الِء هيُء ڪتــاب هــر گهــر ۾ موجــود هجــڻ جهــڙو آهــي .ابراهيــم امينــي بــرک عالــم آهــي ان ڪــري هــن پنهنجــي ڪتــاب ۾ خدائــي حڪمــن ۾ ڏنــل اخالقيــات کــي پــڻ گهڻــي اهميــت ڏيئــي ســمجهايو آهــي .ڪتــاب جــو ترجمو ڀيڻ شــبانه ســولنگيَء ڪيو
۾ 12مليــن کان وڌيــڪ فــرد هــن تڪليــف ۾ آهــن .هيپيٽائيٽــس ســيَء جــي عــاج الِء موجــود انجيڪشــن ( )interferon shotsجــي اگــرن اثــرن ســبب ڪيترائــي مريــض اهــو عــاج نٿــا ڪرائــي ســگهن جنهــن ســبب هــڪ انــدازي موجــب هــر صحــت جــي عالمــي اداري مطابــق هــن وقــت ســال هيپيٽائيٽس جا 5006مريض فوت ٿي وڃن ســڄيَء دنيــا ۾ 150کان 200مليــن فــرد ٿــا .جڏهــن تــه ان بجــاِء هيپيٽائيٽــس جــي عــاج هيپيٽائيٽــس ســي ( )Hepatitis C۾ تــه پاڪســتان جــي تــازو متعــارف ڪرايــل هــڪ دوا جــا نالــي
پاڪســتان ۾ هيپيٽائيٽس ()Hepatitis
پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
11
آ هــي ، جنهــن ا ڳ بــه
ڪيترائــي ڪتــاب ســنڌي ٻولــيَء ۾ ترجمــو ڪــري ســنڌي ادب کــي وڌايــو آهــي. ســندس ترجمــو پڙهــي ســان گمــان ئــي نٿــو ٿئــي تــه ڪــو ڪتــاب ترجمــو ٿيــل آهــي .منجهانئــس اميــد ڪــري ســگهجي ٿــي تــه ترجمــي جــي صــورت ۾ ســنڌي ادب الِء هــڪ اهــم ڪــردار ادا ڪــري ســگهندي .ايرانــي عالــم جــو لکيــل ۽ شــبانه ســولنگيَء جــو ترجمــو ڪيــل 206صفحــن تــي پکڙيــل پڪــي جلــد ســان هــن ڪتــاب جــي قيمــت 200روپيــا آهي جيڪــو ســنڌ جــي باوقــار اداري ”ســنڌيڪا اڪيڊمــيَء“ ڇپايــو آهــي.
ماتــر اگــرا اثــر پيــدا ٿيــن ٿــا .اهــا دوا روزانــو هــڪ گــوريَء جــي صــورت ۾ 12هفتن تائين اســتعمال ڪرڻــي پويٿــي .هــيَء دوا عالمــي مارڪيــٽ ۾ دســتياب آهــي پــر بدقســمتيَء ســان اڃــان تائيــن پاڪســتان ۾ متعــارف نــه ڪرائــي ويئــي آهــي. اميريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ ائڊمنسٽريشن انهن گوريــن جــي هــڪ ڊگهــي ۽ جامــع تحقيــق ڪــرڻ کانپــوِء ان جــي اســتعمالڻ جــي اجــازت ڏنــي آهــي
14فئربوري-28-فئربوري 2015
Health & Technology
عــاج الِء رڳــن ۾ ڊوڙنــدڙ پتڪــڙا روبوٽــس
(روزاين سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان)
پندرهنوار “تندرستي” مئگزين
12
14فئربوري-28-فئربوري 2015